اَنگاري: هڪ قسم جو ٻوٽو، جيڪو اڪثر ساريال جي فصل ۾ پاڻمرادو اڀري ايندو آهي. ڏسڻ ۾ هوبهو ترن جي ٻوٽي جهڙو هوندو آهي. ٽي فوٽ کن اوچو ٿيندو آهي. هيءُ ٻوٽو نہ مال جي چاري طور ڪم اچي ۽ نہ ئي ٻئي ڪنهن ڪم ۾ اچي. گهڻو ڪري هي فصل لھڻ کان پهرين گڏ ڪري ڪڍيو ويندو آهي. جيڪڏهن فصل ۾ رهجي ويو تہ پوءِ فصل لُبجڻ کان پوءِ پاڻمرادو ڳري سڙي ختم ٿي ويندو آهي.