انڌي جي موري

انڌي جي موري: تعلقي حيدرآباد ۾، حيدرآباد شھر کان هالا ڏانهن ويندڙ روڊ تي، چئن ميلن جي پنڌ تي، ڳوٺ ڪرڙ سولنگيءَ کي سامهون، واٽرڪورس جي هڪ موريءَ تي هڪ ماڳ آهي، جتي 1948ع ۾ هڪڙو انڌو فقير لانڍي ٺاهي، پاڻيءَ جي مَٽِي ڀريو ويٺو هوندو هو. پوءِ اتي هڪڙي هوٽلڙي بہ ٺهي، جنهن تي آس پاس جا ماڻهو اچي ويهندا هئا، ۽ ڪچهري لڳي پئي هوندي هئي. انڌو فقير تہ گذاري ويو، پر هن موريءَ تي ”انڌي جي موري“ نالو پئجي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو