انڌو هاٿي لشڪر جو زيان

انڌو هاٿي، لشڪر جو زيان: هيءُ پهاڪو ان وقت ڏيندا آهن جڏهن ڪنهن شيءِ مان فائدو نہ ٿئي، بلڪ فائدي بدران مرڳو نقصان ٿيندو هجي.
سڪندراعظم عيسوي سن کان 327 ورهيہ اڳ سنڌ تي ڪاھہ ڪئي، پر ان کان بہ اڳ، پنجاب جو راجا پورس ساڻس وڙهيو. راجا پورس فتحمنديءَ جي قريب هو، جو سندس لشڪر ۾ جيڪي هاٿي شامل هئا، انهن مان ڪنهن کي ٻرندڙ تير اچي لڳو. هاٿي هراسجي پوئتي هٽيو ۽ پنھنجي ئي لشڪر کي لتاڙي ڀڄڻ لڳو ۽ پورس جي فتح شڪست ۾ بدلجي ويئي. ان جنگ کان پوءِ اهو مثال ڏنو ٿو وڃي تہ ”انڌو هاٿي لشڪر جو زيان“ .


هن صفحي کي شيئر ڪريو