انڊيا آفيس لائبرريءَ وارو قلمي نسخو

انڊيا آفيس لائبرريءَ وارو قلمي نسخو: شاھہ جي رسالي جو هڪ آڳاٽو قلمي نسخو، جيڪو انڊيا آفيس لائبرري لنڊن ۾ (No. “Sindh 3”) محفوظ آهي. هن مڪمل نسخي ۾ جملي 26 سُر آهن ۽ ان کان پوءِ متفرقه بيتن جو داستان ڏنل آهي. انهن سڀني ۾ جملي 1443 بيت ۽ 53 وايون شامل آهن. هيءُ نسخو سُر سسئيءَ سان هن طرح شروع ٿئي ٿو:
”بسم ﷲ
سسئي آبري
بيت: پرتوو پنوھہ جو، جهڙ جئن جهالا ڏي،
آءُ تنهن آريءَ کي، وٺئو راه روئان گهڻو.“
هن نسخي جي سرن ۽ بيتن جي ترتيب ”برٽش ميوزيم“ واري نسخي سان قدري ملي ٿي، پر ان کان جدا ۽ وڌيڪ مختصر آهي. نقل ڪندڙ، يا پوءِ ڪنهن ٻئي ڪاتب، سُرن جي وچان ڪي بيت ۽ وايون ڇڏي ڏنيون آهن، جيڪي آخر ۾ ”سرود بسنت“ کان پوءِ سُرن- وار سنڀاري لکيون اٿس. ان کان سواءِ ڪي سر بہ رهائي ڇڏيا اٿس، جيئن تہ ’سرود ليلا چنيسر‘ ۽ ’سرود هير رانجهو‘ .


هن صفحي کي شيئر ڪريو