انيس ميمڻ

انيس ميمڻ

انيس ميمڻ

انيس ميمڻ: پاڪستان ٽيليويزن جي پهرين سنڌي نيوز ڪاسٽر، سماجي ڪارڪن ۽ ليکڪا، انيس ميمڻ جنهن جو شاديءَ کانپوءِ هاڻوڪو نالو انيسه رحمان آهي. هن پهرين مئي 1952ع تي، ٽنڊي ڄام، ضلعي حيدرآباد ۾ محمد يعقوب ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. مئٽرڪ، ماڊل اسڪول، سنڌيونيورسٽيءَ مان، 1968ع ۾ ڪئي. بي.اي (زبيدہ ڪاليج، حيدرآباد) ۽ 1974ع ۾ ايم. اي (بين الاقوامي تعلقات) جي ڊگري سنڌيونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي.ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي زماني ۾، گهڻو سرگرم رهي. انيس ميمڻ، 70 جي ڏهاڪي ۾ گهڻي تعداد ۾ مضمون، شاعري ۽ ڪهاڻيون لکيون، جيڪي ’هلال پاڪستان‘ اخبار جي عورتن جي صفحي ”سگهڙين سٿ“ ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيون. 89- 1988ع ۾ پنھنجي ڀيڻ ڊاڪٽر فھميدہ حسين سان گڏ عورتن لاءِ هڪ ماهوار رسالو ”سگهڙين سٿ“ پڻ جاري ڪيو. جنهن جا ٻارنهن پرچا شايع ٿيا، اهو ڪمپيوٽر تي ڇپيل سنڌيءَ جو پهريون عورتن جو رسالو هو. انيس ميمڻ گذريل اٺن سالن کان سراج انسٽيٽيوٽ جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ ڪيترا ئي ادبي سيمينار، شاھہ لطيف بابت ليڪچر، قومي ۽ بين الاقوامي ڪانفرنسون ڪرائي چڪي آهي ۽ سراج صاحب جا ڪيئي ڪتاب پڻ ڇپايا اٿس. هن جو شاعريءَ جو ڪتاب، ”پيڪڙا پيرن ۾“، پشاور جي گنڌارا هندڪو بورڊ پاران 2021 ۾شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو سندس فيمنسٽ شاعري تي مشتمل آهي. انيس جي شادي شھدادپور جي زميندار ۽ سياستدان عبدالرحمان ٿھيم سان ٿيل آهي، کيس هڪ پُٽ علي مرتضي ۽ ڌيءَ سپريه رحمان نالي اولاد آهي. پاڻ ڪراچيءَ ۾ رهي ٿي.


لفظ انيس ميمڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.05.01  عيسوي

انيس ميمڻ 1 مئي 1952ع تي ، ٽنڊي ڄام، ضلعي حيدرآباد ۾ محمد يعقوب ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جابر بن حيان
ڄام اوٺو
برڪت علي چوهاڻ
محمد پريل بيدار مڱريو
شاھہ حسن مرزا ارغون
عبدالرزاق گهانگهرو ڊاڪٽر
پيرزادو سائل
جلال محمد مخدوم2
روئداد خان
پير آغا عبدالله جان سرهندي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون