انور وسطڙو  ( راڳي)

انور وسطڙو ( راڳي)

انور وسطڙو ( راڳي)

انور وسطڙو ( راڳي ):انور وسطڙي جو جنم 1940ع ڌاري ڳوٺ مچر ضلع نوشهري فيروز ۾ ٿيو . شروعاتي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان ورتائين . نائين جماعت هاءِ اسڪول ٺاروشاهه ۾ پڙهيو . پوءِ پڙهڻ ڇڏي ڏنائين . اسڪول ڇڏڻ کانپوءِ ٻيڙين ٻڌڻ جو ڪم ڪرڻ لڳو ، اهو ڌنڌو سندس پيءُ ۽ ڀائر به ڪندا هئا . ٻيڙين ٻڌڻ دوران محمد رفيع ۽ چندر جا ڪلام ٻڌندو هو ۽ انهن کي جهونگاريندو هو . اتان کيس ڳائڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ استاد محمد صالح خاصخيليءَ جو شاگرد ٿيو ۽ ترت پوءِ استاد منظور علي خان کان ڌاڳو ٻڌايائين . 1976ع کان هن ريڊيو ۽ ٽي وي تي ڳائڻ شروع ڪيو ، ڪيترين فلمن ۾ پڻ ڳاتائين . پنجابي فلم ” وفاياران دي “ سنڌي فلم ” پرديسي ۽ پيار “ ” پرو چانڊيو “ جا گانا ڳاتائين . هن ڪجهه عرصو اداڪاري به ڪئي . هن سنڌ اندر مختلف ثقافتي ۽ ادبي ڪانفرنسن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي . مصري شاهه اوارڊ ۽ لطيف ايورڊ مڃتا طور مليا اٿس .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.00.00  عيسوي

انور وسطڙو ( راڳي ) : -انور- وسطڙي جو جنم 1940ع ڌاري ڳوٺ مچر ضلع نوشهري فيروز ۾ ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٽالمي
جمال خان
جتوئي مولوي نذير حسين جلالي
علي نواز خان ڌاريجو
سيد نذر محمد شاهه
سهراب خان سرڪي ڊاڪٽر
راز شاهاڻي
ڄام سَپڙُ
سوامي گنگارام
عبدالمجيد جمالي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون