انور قمبراڻي

انور قمبراڻي

انور قنبراڻي

انور قنبراڻي: مشھور ڪئسٽي شاعر علي انور ولد ميوو خان قنبراڻي سال 1963ع ۾ ڦلوءَ جي ڳوٺ تعلقي جوهي/ ڪاڇي (ضلعي دادوءَ) ۾ ڄائو. 1967ع ۾ ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان پنج درجا پاس ڪري ٻني ٻاري جي ڪم کي وڃي لڳو. 20 سالن جي عمر ۾ ڳوٺ ڇڏي دادو شھر لڏي آيو. ابتدا ۾ استاد بخاريءَ کان شاعريءَ جي اصلاح ورتائين. انور قنبراڻي محبت ۽ وڇوڙي بابت تمام گهڻي شاعري ڪئي آهي ۽ سنڌ ۾ ڪئسٽ جو مشھور شاعر آهي. سندس منظور سخيراڻيءَ جو ڳايل ڪلام ”ڪو نہ بچسان، درد تيڏي وچ رو رو دم ڏيسان“ کان ڪافي مشھور ٿيو. هن جي شاعري منظور سخيراڻي، جلال چانڊيي، الھداد زرداري، سرمد سنڌي ۽ ٻين فنڪارن وڏي تعداد ۾ ڳائي آهي. هن جي ڪلامن جون 200 کان مٿي ڪيسٽون نڪري چڪيون آهن. جڳ مشھور سنڌ جو عوامي شاعر انور قمبراڻي دل جي دوري سبب 10 ڊسمبر 2018ع تي ڪراچي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.


لفظ انور قنبراڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.00.00  عيسوي

مشهور ڪئسٽي شاعر علي انور ولد ميوو خان قنبراڻي سال 1963ع ۾ ڦلوءَ جي ڳوٺ تعلقي جوهي/ ڪاڇي ( ضلعي دادوءَ ) ۾ ڄائو .


2018.12.10  عيسوي

ناليواري شاعر انور قمبراڻي دل جي دوري سبب ڪراچي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غلام مصطفي سولنگي 1
عيسو فقير بوزدار
ميان قائم الدين فقير شر
بھاول لغاري
خليل عارف سومرو
پروانو ميراجي
اعجازالحق قدوسي
شاهو خان زنگيجو
آفاق صديقي
بلاول پرديسي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون