انور احمد خان مھر

انور احمد خان مھر: مشھور سياستدان انور احمد خان ولد شاهنواز خان مھر 16 نومبر 1951ع تي ڳوٺ تماچاڻي، ضلعي سکر ۾ ڄائو. ايم. اي ۽ ايل ايل بي تائين تعليم حاصل ڪئي. علم ادب سان چاھہ رکندڙ ۽ لطيفيات جو ڄاڻو هو. هن ڊاڪٽر نواز علي شوق جي ذاتي لائبرري خريد ڪري تماچاڻي اسڪول کي ڏني. 2002ع وارين عام چونڊن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. ان کان اڳ 1979ع، 1983ع ۽ 1987ع ۾ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو. 2006ع ۾ ٽيننسي ائڪٽ ۾ ترميمن جي سفارش لاءِ جوڙيل خاص ڪميٽيءَ جو ميمبر رهيو. 2008ع ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تي شڪارپور جي تڪ پي ايس 2 مان چونڊ کٽي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيو. پيپلز پارٽي سکر ڊويزن جو صدر بہ رهيو. 8 مئي 2022ع تي ڪراچيءَ جي هڪ نجي اسپتال ۾ وفات ڪئي. کيس تماچاڻي ءَ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.11.16  عيسوي

-انور احمد خان مهر- ولد شاهنواز خان مهر 16 نومبر 1951ع ۾ ڳوٺ تماچاڻي ضلعي سکر ۾ ڄائو



سياسي ۽ سماجي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اعجاز علي شاھہ شيرازي
جنيوا ڪانفرنسون
اعجاز علي خان جتوئي
انور احمد خان مھر
اسفند يار ولي
اسماعيل راھو
امداد علي پتافي
جنيوا ڪنوينشن
آفتاب شاھہ جيلاني
احمد علي خان جلباڻي
سياسي ۽ سماجي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون