انور ابڙو

انور ابڙو

انور ابڙو الطاف شيخ سان گڏ

انور ابڙو الطاف شيخ سان گڏ

انور ابڙو

انور ابڙو

انور ابڙي جي ناول  ”ڀڳل رانديڪو“ جو ٽائيٽل

انور ابڙي جي ناول ”ڀڳل رانديڪو“ جو ٽائيٽل

انور ابڙو

انور ابڙو: سنڌي ٻوليءَ جو مشھور ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ ڊرامه نويس انور ابڙو پھرين جنوري 1965ع تي ڳوٺ لالي جا ڀاڻ، تعلقي ڏوڪري (هاڻي تعلقو باقراڻي)، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. حيدر بخش جتوئي سائنس ڪاليج ڏوڪري مان انٽرميڊئيٽ (1985ع)، مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي، ڄامشورو (1991ع) مان بي اِي (ميٽلرجيڪل انجنيئرنگ)، فيڊرل اردو يونيورسٽي آف آرٽس اينڊ سائنس، ڪراچي مان ايم. اي (صحافت) جون ڊگريون حاصل ڪيون. گڏوگڏ آغا خان يونيورسٽيءَ مان ڊپلوما اِن اسڪول مئنيجمينٽ ڪئي. انور ابڙي، 1995ع ۾ ڪجهه عرصو پاڪستان اسٽيل ملز ۾ انجنيئر طور ڪم ڪيو. ان بعد هن 1995ع ۾ سنڌ مدرسته الاسلام ۾ ملازمت حاصل ڪئي، جتي هن 2012ع تائين مختلف عھدن تي ڪم ڪيو. 2012ع ۾ جڏهن سنڌ مدرسي کي يونيورسٽيءَ جو درجو مليو ته انور ابڙو پي آر ڊپارٽمينٽ ۾ اول پي آر او، ان بعد ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ پوءِ ڊائريڪٽر ٿيو. سنڌ مدرسي ۾ هو ٽه ماهي رسالي ”سنڌ مدرسه ڪرانيڪل“ جو ايڊيٽر رهيو، جتي بھترين ڪارڪردگيءَ تي کيس ڪجهه اوارڊ به مليا. انور ابڙي جا ڪھاڻي، ناول ۽ ٻين موضوعن تي چوڏهن ڪتاب شايع ٿيل آهن. هن شاعريءَ سان گڏ ڪالم نگاري ۽ ترجمي نگاري به ڪئي آهي. سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ ڪجهه ڊاڪيومينٽريز به لکيون ۽ انهن جي هدايتڪاري به ڏني. هو سنڌ جي اهم ادبي رسالن جو ايڊيٽر به رهيو آهي. صحافي ۽ ليکڪ جي حيثيت ۾ هن مختلف سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن لاءِ علمي، ادبي ۽ سماجي موضوعن تي ڪيترائي ليک لکيا آهن. هو ماهوار ’سنڌ سجاڳ‘ ڪراچي، ماهوار ’روح رهاڻ‘ ڪراچي، ’مڊويڪ‘ ميگزين، روزنامه ’جنگ‘ ڪراچي، روزاني ’پڪار‘ ڪراچي، ماهوار ’معمار‘ مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو، ماهوار ’سارس‘، ماهوار ’سوڀ‘ ڪراچي، هفتيوار ‘ڪاوش دنيا‘ ۽ ڪاوش ‘مڊويڪ مئگزين‘ ۾ اعزازي طور مختلف عھدن تي ڪم ڪري چڪو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’خودڪشيءَ جو رومانس‘ (ڪھاڻيون: 2001ع)، ’رهنما‘ (ترجمو: 2004ع)، ’ڳورهاري عورت جا مسئلا ۽ حق: حقيقت ڇا آهي‘ (ترجمو: 2008ع)، ’ڀڳل رانديڪو‘ (ناول 2008ع)، ’ٻڌو، پڙهو ۽ رنگ ڀريو‘ (معاون ليکڪ: ٻارن لاءِ ابتدائي سنڌي قاعدو، 2009ع)، ’هڪ عظيم زرعي ڌوڪو‘ (ترجمو: 2009ع)، ’منھنجو چنڊ مارجي ويو‘ (ڪھاڻيون، مضمون ۽ شاعري: 2009ع)، ’عورتون سياست ۾‘ (ترجمو: 2011)، ’اکر اکر تاريخ‘ (ترتيب)، ’اڌ صديءَ جو اوجاڳو‘ (ليک: 2013ع)، ’پھرين جنوري‘ (ڪھاڻيون: 2015ع)، ’هڪ مھمان ڇوڪري‘ (ناول: 2016ع)، ’عني ۽ مائو‘ (ٻاراڻيون ڪھاڻيون: 2016ع)، ’حسن علي آفندي: سنڌ مدرسته الاسلام جو باني‘ (ترجمو: 2016ع)، ’قلم جا وارث‘ (خاڪا ۽ علمي ادبي ۽ فڪري جائزو: 2017ع)، ’قائداعظم محمد علي جناح: تعليم، جدوجھد ۽ حاصلات‘ (ترجمو: 2018ع)، ’ننڍڙو چنڊُ‘ (ناول: 2018ع)، ’چوڌاري چمڪاٽ‘ (ٻارن لاءِ تقريرون ۽ خاڪا: 2018ع)، ’روشني ڪي مينار-حيدر بخش جتوئي‘ (اردو ۾)، ’ايڪهين صديءَ جو ادب‘ (مھاڳ، اڀياس، تبصرا ۽ رايا 2019ع)، ’وڏي ڀيڻ‘ (ٻارن لاءِ ڪھاڻيون: 2020ع)، ’وبا کان چورايل پلَ‘ (ڪورونا تي لکيل ڪھاڻيون: 2021ع) ۽ ’پرسڪون چھري جي آتم ڪٿا‘ (ڪھاڻيون: 2023ع) شايع ٿي چڪا آهن.


لفظ انور ابڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.01.01  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جو مشهور ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ ڊرامه نويس انور ابڙو پهرين جنوري 1965ع تي ڳوٺ لالي جا ڀاڻ، تعلقي ڏوڪري (هاڻي تعلقو باقراڻي)، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اياز
ابو سعيد عبدالڪريم سمحاني
بنو اميه
ٻانڀڻيو
ابو الليث صديقي پروفيسر
ڀوڄراج هوتچند ناگراڻي
دولهه دريا خان 1
حامد علي مرزا
چوڌري نثار علي خان
خانبهادر غلام محمد خان وساڻ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون