انعام ٽکڙائي

انعام ٽکڙائي

انعام ٽکڙائي

انعام ٽکڙائي: سنڌي ٻوليءَ جي مشھور شاعر، ليکڪ، اداڪار، صداڪار ۽ نوحہ خوان انعام ٽکڙائي جو جنم 12 آگسٽ 1966ع تي، ٽنڊي محمد خان لڳ ڳوٺ وسي ملوڪ شاھہ (ٽکڙ) ۾ ٿيو . سندس اصل نالو احمد علي ڳنڀير ولد محمد خان ڳنڀير هو. پرائمري کان مڊل تائين تعليم ٽکڙ مان حاصل ڪئي. 17 سالن جي ڄمار ۾ 1983ع ۾ نامور شاعر محمد دائود ”تاج“ ٽکڙائي جي هوٽل تي بيراگيري ڪندي ڪچا ڦڪا شعر چوڻ لڳو. سڀ کان پهرين غزل جي صنف تي طبع آزمائي ڪيائين، جتي تاج ٽکڙائي سندس شاعري ڏسي کيس همٿايو ۽ سندس تربيت پڻ ڪئي. جنهن کانپوءِ هن گيت، وايون، نظم، سانيٽ، چئوسٽا، ڪافيون، هائيڪا، پنجڪڙا، رُباعي، آزاد نظم، نثري نظم، بيت، قطعا، دوها، ٽيڙو، نو لکي، سهرا، ڳيچ، نوحه، مرثيا، منقبت، مناجات، مولود، حمد، نعت ۽ قصيدا لکيا. 1987ع کان انعام باقاعدہ ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. سنڌي کان علاوہ پنجابي ۽ سرائڪي ٻولين ۾ ڪلام پڻ چيو، نثر ۾ تحقيقي ادب ۽ مزاحيہ ادب جي شعبي ۾ ڪهاڻين، مضمونن، مقالن وسيلي معاشري جي عڪاسي بہ ڪندو رهيو. اسٽيج ۽ ٽي وي تي اداڪار ۽ ڊائريڪٽر طور پڻ ڪم ڪيو. سنڌ ٽي وي تي ڪجهہ عرصو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور پڻ ڪم ڪيو. انعام ٽکڙائي جي هڪ ٻي سڃاڻپ نوحہ خوان واري بہ رهي. ادبي خدمتن عيوض شاعري جي شعبي ۾”اُڏيرو لال اوارڊ“، سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ”لطيف ايوارڊ“، اردو زبان جي تنظيم ”زينا پاڪستان “ پاران ”حُسن ڪارڪردگي ايوارڊ“ ۽ بزم جيلاني پاران ”حُسن ڪارڪردگي ايوارڊ“، بزم ادب ٽکڙ پاران ايوارڊ سميت ڪيترائي ايوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ماڻيا. انعام ٽکڙائي، ڏات ڏيپ مارڪو، محفل لطيفي، سنڌي ادبي سنگت، مهراڻ ادبي فورم، لطيفي ادبي فورم، بزم ادب ٽکڙ، بزم جيلاني، رائٽرس فورم، ڪاروان ادب سنڌ، محمد خان غني ادبي تنظيم، عوامي ادبي فورم، مهراڻ ادبي سٿ جي پليٽفارمن تان سرگرم ڪردار ادا ڪيو ، جساف، جيئي سنڌ تحريڪ، پي پي پي، سنڌ پيپلز ڪلچرل ونگ جي پليٽ فارمن تان سياسي سرگرمين ۾ پڻ متحرڪ رهيو. سنڌي ادبي سنگت ضلعي حيدرآباد جو رابطہ سيڪريٽري، ٽنڊو محمد خان شاخ جو خزانچي، ڪيترائي ڀيرا ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر پڻ رهيو. 1985ع ۾ روينيو کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪئي. 1988ع ۾ ’لبريشن فرنٽ‘ جي نالي سان تنظيم قائم ڪري، ان جي تنظيمي سرگرمين دوران ڪراچي سينٽرل جيل ۾ 16 ڏينهن جيل ڀوڳيو. ان کان علاوہ ٽنڊو محمد خان جيل ۾ پڻ 19 ڏينهن قيد ڪاٽيائين. سندس تخليقون ’مهراڻ‘، ’عبرت مئگزين‘، ’سنڌو‘، ’هالار‘، ’ادب‘، ’هزار داستان‘، ’سوجهرو‘، ’امرتا‘، ’سرهاڻ‘، ’لطيفي لات‘، ’وينجهار‘، ’اخبار جھان‘، ’جاسوسي ڊائجيسٽ‘، ’سنگت‘، ’الاصلاح‘، هفتيوار ’ماروئڙا نيوز‘، ’مهراڻ مالها‘ سميت مختلف سنڌي ۽ اردو رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجنديون رهيون. شاعري جو پهريون مجموعو ”رُلي رُلي جھان ڏٺم“ 1998ع ۾ لطيفي طبي اڪيڊمي ٽنڊي محمد خان پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. وڏي عرصي کان دم جي مرض ۾ مبتلا رهندي 14 شعبان 1442 هجري/مطابق 8 اپريل 2021ع بروز خميس، دل جي دؤري سبب وفات ڪئي. کيس گنجي ٽڪر جي دامن ۾ مقبره شريف جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ انعام ٽکڙائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.08.12  عيسوي

انعام ٽکڙائي جو جنم 12 آگسٽ 1966ع تي، ٽنڊي محمد خان لڳ ڳوٺ وسي ملوڪ شاهه (ٽکڙ) ۾ ٿيو .


2021.04.08  عيسوي

انعام ٽکڙائي 14 شعبان 1442 هجري/مطابق 8 اپريل 2021ع بروز خميس، دل جي دؤري سبب وفات ڪئي. کيس گنجي ٽڪر جي دامن ۾ مقبره شريف جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابراهيم شاھہ صوفي
فقير محمد اسماعيل قاسم پلي
ارجن شاد
امام الدين ضامن 1
بخشڻ شاھہ
بشير بيوس اوٺو
فراق هاليپوٽو
ڪونج بلوچ
عيسو ميون
طالب لغاري
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون