انصاف ڪٿي آهي (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب محمد دائود بلوچ جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب جو جلد ڪچو آهي، جنهن ۾ 156 صفحا آهن. قيمت ٻہ رپيا پنجاھہ پئسا ڄاڻايل آهي. ڇاپو پهريون، ادارہ آواز ادب، حيدرآباد سال 1962ع ۾ ڇپايو.