اَنصار: انصار جو مطلب آهي اهي ماڻهو ، جيڪي مديني ۾ رهندڙ هئا ، جن نبي سڳوري صلي ﷲ عليہ وسلم جي هجرت ڪري اچڻ وقت مسلمان مهاجرن جي مدد ڪئي ، ڇوته اهي اُن وقت هٿين خالي ۽ احتياجي حالت ۾ هئا . انصارن انهن کي خوشيءَ سان پنھنجي ڪاروبار ۾ شريڪ ڪيو . ان کان علاوہ انهن نبي سڳوري صلي ﷲ عليہ وسلم سان گڏجي غزوات ۾ بہ حصو ورتو . قرآن شريف جي سورة ” انفال “ ۽ سورة ” توبہ “ ۾ انصار جو ذڪر آيو آهي . ﷲ تعاليٰ انهن جي باري ۾ پنھنجي خوشنوديءَ جو اظهار ڪيو آهي .