انس راڄپر

انس راڄپر

انس راڄپر

انس راڄپر: مترجم ۽ ليکڪ انس راڄپر 30 آڪٽوبر 1961ع تي ڳوٺ ڏنگيجا ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو. فاضل درس نظامي (شهادت العالميه) ۽ ايم. فل (اسلاميات) ڪئي اٿائين. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ ريسرچ لئبريريءَ جي ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ طور ڪم ڪري رهيو آهي، سندس ڪيتريون ئي تحريرون شايع ٿيل آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ﷲ عليہ وسلم'>حيات محمد صلي ﷲ عليہ وسلم (حسنين هيڪل جي ڪتاب جو ترجمو: 2001ع)، مفتاح الصلواة: فتح محمد سيوهاڻيءَ جي فارسي ڪتاب جو ترجمو: 2006ع)، (3) امام شاھہ ولي ﷲ جو فلسفو (مولانا عبيدالله سنڌي، ترجمو: 2003ع)، (4) قرآن سمجهڻ جا اصول (ﷲ دهلوي'>شاھہ ولي ﷲ دهلوي ترجمو: 2002ع) فرائض السلام (مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي جديد سنڌي صورتخطيءَ ۾ ترتيب: 2010ع) شامل آهن. هو هن وقت حيدرآباد ۾ رهي ٿو .


لفظ انس راڄپرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.10.30  عيسوي

مترجم ۽ ليکڪ انس راڄپر 30 آڪٽوبر 1961ع تي ڳوٺ ڏنگيجا ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تاج بانو براهوئي
جهانگيرعباسي
شبير حسن گبول
ڄام نندو خان ٽالپر
بلاول فقير نائچ
سيد نور شاھہ
پوپ
ڊبليو ايڇ مورلينڊ
قمر راڄپر
ڪملا. ڪي پرمار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون