انسان ۾ ساھہ کڻڻ جو عمل: انسان ۾ ساھہ کڻڻ جو عمل ڦڦڙن ۽ ان سان ڳنڍيل نالين تي مشتمل هوندو آهي، جنهن سان هوا نڪ وسيلي جسم ۾ اندر داخل ٿيندي آهي. ڦڦڙ جسم ۾ سيني جي اندر ٿين ٿا. ساھہ کڻڻ وقت هوا ڦڦڙن ۾ اندر داخل ٿيڻ کي ’ساھہ کڻڻ‘ ۽ جسم کان ٻاهر نڪرڻ کي ’ساھہ ڪڍڻ‘ چئبو آهي. هوا جڏهن نڪ مان گذرندي آهي تہ اها گرم ۽ گهميل ٿي ويندي آهي. نڪ جي اندرئين حصي ۾ اهڙا گهرڙا هوندا آهن، جيڪي مِيُوڪس (Mucous) نيڪال ڪندا آهن، جنهن سان نڪ جو اندريون حصو آلو رهي ٿو ۽ ان آلاڻ جي ڪري ٻاهرين مٽي يا جيوڙا اٽڪي پوندا آهن ۽ صاف هوا ڦڦڙن ڏانهن رواني ٿيندي آهي. ان ئي ڪري طِبي ماهر (ڊاڪٽر) اسان کي نڪ مان ساھہ کڻڻ جي صلاح ڏيندا آهن.