اندر جي اڇل - ڪتاب

اندر جي اڇل - ڪتاب

اندر جي اڇل

اندر جي اڇل (ڪتاب ):هي ڪتاب ناول نگار ۽ فيلسوف زان پال سارتر جو جڳ مشھور ناول Nausee جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو هن 1938ع ۾ لکيو، جيڪا سندس پهرين لکڻي هئي. ان ناول جا دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجما ٿي چُڪا آهن. سنڌيءَ ۾ انهيءَ ناول جو ترجمو ڊاڪٽر بدر اُڄڻ ڪيو آهي. سارتر ناول بابت پنهنجا ويچار ونڊيندي هڪ هنڌ لکيو آهي تہ ”خواب ناول“ ڪوڙ ڪٽڻ ۽ غلط بيانيءَ جي ڪري پڙهندڙ کي خوش ڪندو آهي، جڏهن تہ ڪو سٺو ناول، ڪنهن خاص مقصد ۽ نظريي تي دارومدار رکندڙ، اڻٽر ادبي ضرورت آهي.“ سارتر جي سنڌي ترجمي تي مشتمل هن ناول جو مهاڳ نامور شاعر ۽ نقاد تاج بلوچ لکيو آهي، هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو جون 2005ع ۾ سوجهرو پبلڪيشن پاران شايع ٿيو. هي ڪتاب 286 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جي قيمت ڪچي جلد ۾ 150 ۽ پڪي جلد ۾ 200 ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.00.00  عيسوي

اندر جي اڇل ( ڪتاب ) : هي ڪتاب ناول نگار ۽ فيلسوف زان پال سارتر جو جڳ مشهور ناول Nausee جو سنڌي ترجمو آهي ، جيڪو هن 1938ع ۾ لکيو ، جيڪا سندس پهرين لکڻي هئي .



ڪتاب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سنڌي ادب ڪي مختلف رجحانات
جانورن جو بادشاھہ
تاريخ شعرا لاڙ 2
سنڌي عربي لغت
در نہ مٽجي دوست جو
سراج سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ
تذڪرة الشعراء حيدرآباد
حضرت بلال بانگو رضہ
ايءُ خاڪيءَ جو خيال
افسانہ زندگي
ڪتاب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون