اندر جو ڄامڙو (ڪتاب ):مشھور ڪهاڻيڪار ايشور چندر جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. جيڪو 1984ع ۾ طارق اشرف ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪرائون سائيز ڪتاب جا صفحا 198، قيمت 12 رپيا. ڇپائيندڙ سھڻي پبليڪيشنس، حيدرآباد سنڌ.اجمير واسي ايشور چندر 1998ع ۾ سرڳواس ٿيو آهي. ريلوي ۾ ملازم هو. سندس ڪهاڻين جا ٽي ٻيا مجموعا ”ڇوڪرو ۽ ڇوڪري“، ”سخت چهري وارو ماڻهو“ ۽ ”ٿڌا چپ“ ڇپيل آهن. ايشورچندر جي هن ڪتاب ”اندر جو ڄامڙو“ ۾ ڏھہ ڪهاڻيون آهن: (1) سخت چهري وارو ماڻهو، (2) اندر جو ڄامڙو، (3) ڪمزور نسن وارو گهر، (4) ٻئي ڏاڪي تي رڄندڙ برف، (5) وقت جي انتيءَ بعد، (6) هڪ دلشڪستي شخص جو خط، (7) موٽي آيل ماضي،(8) باھہ، (9) ان گهڙيءَ لاءِ...، (10) ملڪيت.
طارق اشرف پاران سندس ڇپايل هيءُ ٻيو مجموعو آهي، جنهن مان ليکڪ جي معيار ۽ سنڌيءَ ۾ مقبوليت ظاهر آهي. طارق اشرف جي لفظن ۾ ”ايشور جون ڪهاڻيون پڙهڻ کان پوءِ ائين محسوس ٿيندو تہ اها ڪهاڻي تہ اسان جي پنھنجي گهر جي آهي، يا اهو واقعو تہ اسان جي پنھنجي پاڙي ۾ ٿي چڪو آهي. “