انجينئر اوڀايو خشڪ

انجينئر اوڀايو خشڪ

انجنيئر اوڀايو خشڪ

انجنيئر اوڀايو خشڪ: محمد اوڀايي خشڪ جو جنم 2 سيپٽمبر 1949ع تي ڳوٺ درويش، تعلقي گهوڙاٻاري، ضلعي ٺٽي ۾ محمد عرس خشڪ جي گهر ۾ ٿيو. پرائمري تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد ميٽرڪ 1965ع ڌاري گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ٺٽي ۽ انٽر 1967ع ۾ گورنمينٽ (ڊگري) ڪاليج، حيدرآباد مان پاس ڪري سول انجينئرنگ جي ڊگري 1971ع ۾ سنڌ يونيورسٽي انجينئرنگ ڪاليج، ڄامشوري (هاڻي مھراڻ يونيورسٽي آف انجينئرنگ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي) مان حاصل ڪيائين. شاگرديءَ واري دؤر ۾ سنڌ اسٽوڊنٽ ڪلچرل آرگنائيزيشن جو پھرين سينيئر وائيس چيئرمئن ۽ 1971ع ۾ هڪ سال لاءِ چيئرمئن ٿي رهيو. عملي زندگيءَ جي شروعات 1972ع کان آبپاشي کاتي ۾ سب انجينئر طور ڀرتي ٿيڻ سان ڪيائين، جتان پھرين سيپٽمبر 2009ع تي بحيثيت پراجيڪٽ ڊائريڪٽر رٽائرڊ ٿيو. 2009ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’گوندر گس پرين جو‘ (ترتيب: 2013ع)، ’چيتاري چيام‘ (آتم ڪٿا: 2016ع)، ’سنڌ پنجاب پاڻي مامرو‘ (2020ع)، ’سنڌوءَ جو رستو نه روڪيو‘ (2022ع)، ’اُميد خواب جي جاڳ‘ (2022ع)، ’Hydro Politics in Pakistan‘ (2023ع)، ’ڀاشا ڊيم، سنڌ لاءِ ترياق يا زهر‘ (2024ع)، ’دریائے سندھ کو بچاؤ‘ (2024ع)، سنڌ ۾ عرب (تاريخ: 2024ع)، ’جيڪي پڙهيم‘ (2025ع) ۽ ’ڪالاباغ ڊيم کان چولستان ڪئنال تائين‘ (2025ع) شامل آهن. ان کانسواءِ مختلف وقتن تي سياسي ۽ سماجي مسئلن تي سندس مضمون ڪيترن ئي سنڌي اخبارن ۾ ڇپجندا رهيا. ٺٽي شھر ۾ سندس ذاتي لائبريري ’مخدوم معين‘ جي نالي سان قائم ڪيل آهي. جنھن ۾ مختلف موضوعن تي ڪيترائي ڪتاب رکيل آهن. هن 5 جون 2026ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.09.02  عيسوي

محمد اوڀايي خشڪ جو جنم 2 سيپٽمبر 1949ع تي ڳوٺ درويش، تعلقي گهوڙاٻاري، ضلعي ٺٽي ۾ محمد عرس خشڪ جي گهر ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رفيق سومرو
ڀائي ولايت راءِ
اردشير ڪائوسجي
شيخ محمد فاضل
سروري مائل
دينا واڊيا
بابا رامداس
رسول بخش خان گبول
هزار خان بجاراڻي
ٽراٽسڪي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون