انجم آرا

انجم آرا

انجم آرا

انجم آرا: مشھور فنڪارہ انجم آرا ڌي يار محمد، 5 اپريل 1965ع تي حيدرآباد ۾ پيدا ٿي. مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ راڳ جي سکيا پھرين استاد جمال خان ۽ پوءِ استاد ضامن عليءَ کان ورتي، کيس ريڊيو پاڪستان تي استاد غلام نبي عبداللطيف متعارف ڪرايو. جنرل ضياء جي مارشل لا واري دؤر ۾ محمد خان جوڻيجي جي سامھون پنھنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ تي کيس ننڍي عمر ۾ ايوارڊ مليو. ان کان علاوہ سندس فني مڃتا طور کيس لال شھباز ايوارڊ، مصري شاھہ ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ مليا. سندس ڳايل گانن ۾ ’لاري ڪڏهن ايندي‘، ’هلي آ او سھڻا‘، ’اکڙين ۾ ڪينجهر‘، ’ميڏا سھڻا لطيف‘ ۽ ٻيا ڪيترائي مشھور آهن. هن 22 اپريل 2015ع تي گلي جي ڪئنسر سبب راجپوتانا اسپتال حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.


لفظ انجم آراھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.04.05  عيسوي

مشھور فنڪاره انجم آرا ڌي يار محمد، 5 اپريل 1965ع تي حيدرآباد ۾ پيدا ٿي.


2015.04.22  عيسوي

انجم آرا 22 اپريل 2015ع تي گلي جي ڪئنسر سبب راجپوتانا اسپتال حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابن الياس سومرو
حاجي علي محمد کوسو
داس طالب
تلوڪچند
پير عبدالحئي نقشبندي
ٽھل ايسرداس ڪيسواڻي
اسدالله ڀٽو پروفيسر
بروهي عبدالحليم
سهراب مگسي
رفيق سومرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون