انجمن همدرد اسلام

انجمن همدرد اسلام: هيءُ انجمن 31-1930ع ۾ شڪارپور ۾ قائم ڪئي وئي. هن انجمن جو صدر علي بخش سومرو ۽ سيڪريٽري عبدالوهاب ولد نور محمد سومري ۽ احمد نواز عرف غلام رسول سومرو هئا. انجمن پاران ’مسلم اجمل لئبرري قائم ڪئي ويئي هئي، جنهن ۾ شھري اچي مطالعو ڪندا هئا. ان کان سواءِ هن انجمن پاران نائيٽ اسڪول بہ قائم ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ديني تعليم ۽ پرائمري تعليم ڏني ويندي هئي. هن انجمن پاران اسلامي تهوارن تي پمفليٽ ۽ ڪتابچا شايع ڪرائي مفت ورهايا ويندا هئا. اهڙن ڏينهن تي مولودن ۽ نعت جا ننڍا ننڍا مجموعا بہ شايع ڪرايا ويندا هئا. سن 1936ع ۾ عيد ميلادالنبيءَ جي موقعي تي هن انجمن پاران ’اسان جو مدني آقا‘ نالي هڪ ڪتاب شايع ڪرائي مفت ورهايو ويو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.00.00  عيسوي

انجمن همدرد اسلام: هيءُ انجمن 31-1930ع ۾ شڪارپور ۾ قائم ڪئي وئي .



ادارا ۽ تنظيمون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دولت مشترڪه
بي بي سي
سائوٿ سٽي اسپتال ڪراچي
پاڪستان ريلوي
چيمبر آف ڪامرس
جذبات پبليڪيشن
انجمن فروغ ادب جيڪب آباد
ايمنسٽي انٽرنيشنل
سپارڪو
شانتي نڪيتن
ادارا ۽ تنظيمون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون