انارڪلي3 (ڪتاب ):نامور تاريخدان پير حسام الدين راشدي پنھنجي ابتدائي دؤر ۾ افسانوي ادب ۾ پڻ طبع آزمائي ڪئي هئي. جنهن ڏس ۾ سندس پنج افسانا مولوي عبدالحميد ڀٽيءَ سکر واري جي المُنار رسالي ۾ 35-1934ع ڌاري ڇپيا هئا، جن ۾ انارڪلي، پاڪدامن عورت، گلن واري ڇوڪري، امانت ۽ بدنصيب شھزادو شامل آهن. انارڪلي افساني ان وقت تمام گهڻي شھرت حاصل ڪئي، ڇو تہ اهو مغليه دؤر جي هڪ اهم عورت جو ڪردار هو، جنهن کي جھانگير بادشاھہ ديوار ۾ چڻايو هو، انارڪلي افسانو جدا چوپڙيءَ جي صورت ۾ پڻ ڇپيو هو.