ام الفضلرضه: حضرت ام الفضل (رضي ﷲ عنها) لبابه بنت حارث بن حزان. پاڻ ام المؤمنين حضرت ميمونه رضي ﷲ عنها ۽ حضرت اسماء بنت عميس جي ڀيڻ هُئي ۽ سندس والدہ جو نالو هند بنت عوف هو. ام الفضل سڳوري، پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جي چاچي حضرت عباس بن عبدالمطلب جي گهرواري هئي. عورتن مان حضرت خديجہ رضي ﷲ عنها کان پوءِ ٻئي نمبر تي هن ايمان آندو. پنھنجي مڙس حضرت عباسعه جي ايمان آڻڻ کانپوءِ مديني شريف هجرت ڪيائين. سندس ڇھہ پُٽ ۽ هڪ ڌيءَ هئي. پُٽن ۾ فضل، عبدالله معبد، عبيد الله، قثم، عبدالرحمان ۽ ڌيءَ اُم حبيبه هئي. اُم الفضل حضرت عثمان رضي ﷲ عنھ جي خلافت جي دؤر ۾ وفات ڪئي، سندس جنازي جي نماز حضرت عثمانرضه پڙهائي. هن حضرت امام حسينعه عالي مقام کي پنھنجي ٿڃ پياري ۽ ان جي پالنا ڪيائين، ان ڪري سڄو نبوي خاندان سندس عزت ۽ احترام ڪندو هو. کانئن ٽي حديثون بہ روايت ٿيل آهن. حجة الوداع جي موقعي تي هن کي پاڻ ڪريمن صلي ﷲ عليہ وسلم جن سان حج ڪرڻ جو موقعو بہ مليو. هڪ دفعي نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن فرمايو تہ اُم الفضل، سلميٰ، ميمونه ۽ اسماء چارئي مؤمن ڀيڻون آهن.