امين مگسي

امين مگسي

امين مگسي

امين مگسي: اديب، عالم ۽ محقق، امين مگسيءَ جو پورو نالو محمد امين ولد مفتي ڪريم بخش مگسي آهي. سندس تعلق ميهڙ جي علمي، ادبي ۽ مذهبي گهراڻي سان آهي. سندس والد ڪريم بخش مگسي پنھنجي دؤر جو جيد عالم ۽ مفتي هو. محمد امين مگسيءَ 30 اپريل 1962ع تي ڳوٺ سوڀي مگسي تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم ميهڙ مان ئي حاصل ڪيائين، جڏهن تہ هن بي.اي 1984ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي ۽ ايم.اي (جنرل هسٽريءَ) ۾ پڻ سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1990ع ۾ ڪئي.
امين مگسيءَ جو والد سيد علي اڪبر شاھہ جي قائم ڪيل مدرسي ’مدرسہ عربيه دارالقرآن‘ ميهڙ ۾ 50 سالن تائين مهتمم رهيو. محمد امين مگسيءَ ۾پنهنجي والد صاحب جي صحبت ۾ لکڻ پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو. سندس مضمون ۽ تحقيقي مقالا اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا.
محمد امين مگسيءَ جون هيٺيون تصنيفون شايع ٿي چڪيون آهن:
(1) جوڳيئڙا جھان ۾ (دادو جي مشاهيرن جا خاڪا: (1998ع).
(2) مگسي قبيلو، تاريخ ۽ تحقيق جي روشنيءَ ۾: (2012ع).
هن وقت ’بلوچستان جي تاريخ‘ ۽ ’تصوف‘ جي موضوعن تي سندس تحقيق جاري آهي. هو هن وقت پي.آءِ.اي ڪراچي ۾ گروپ 6 ۾ آفيسر آهي ۽ گلشن حديد فيز I ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.04.30  عيسوي

محمد امين مگسيءَ 30 اپريل 1962ع تي ڳوٺ سوڀي مگسي تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جيئل اوڏ
پنڊت ڪشنچند جيٽلي
گنگا رام سمراٽ
عبدالحق عظيم
غلام قادر سومرو
ظفر حسن
احمد سلطان کوسو
رسول بخش تميمي
پرويش شاهين
ارباب نيڪ محمد
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون