امين محمد ثاني هالائي، مخدوم: مخدوم صاحب، مخدوم محمد زمان ثالث جو فرزند هو. حضرت مخدوم نوح سخي سرور جي اولاد مان سندس درگاھہ جو سجادہ نشين بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس ولادت 19 رجب 1256ھہ (1840ع) تي ٿي. هو صاحب سھروردي طريقي جو پير ۽ اميراڻي زندگيءَ جو مالڪ هو. سنڌي شاعريءَ ۾ تمام ڪمال حاصل هئس، يعني سنڌي شاعريءَ جي سڀني صنفن ۾ سندس ڪلام موجود آهي. ڏوهيڙا، ڪافيون، غزل وغيرہ پنهنجا ڪيترائي يادگار ڇڏيا اٿس. هو توحيد جي مسئلي ۾ عام صوفين جي طرز جو تابع آهي. انسانيت جي گهڻين خوبين جو مالڪ هي بزرگ 47 سالن جي ڄمار ۾ 27 رمضان المبارڪ 1303ھہ(1885ع) ۾ هن فاني دنيا مان رحلت فرمائي ويو.
1256.07.19 هجري
سندس ولادت 19 رجب 1256هه ( 1840ع ) تي ٿي
1840.00.00 عيسوي
سندس ولادت 19 رجب 1256هه ( 1840ع ) تي ٿي