اميشا پٽيل

اميشا پٽيل

اميشا پٽيل

اميشا پٽيل: بالي ووڊ جي مشھور خوبصورت اداڪارہ اميشا پٽيل جو پيءُ گجراتي ۽ ماءُ سنڌياڻي آهي. هيءَ 9 جون 1975ع ۾، ممبئيءَ ۾ ڄائي ۽ اتي ئي تعليم حاصل ڪيائين ۽ آمريڪا مان گرئجوئيشن ڪيائين . هن 2000ع کان فلمي دنيا ۾ پير پاتو. هيءَ پنھنجي پهرين فلم ’ڪھو نا پيار هئي‘ ۾ ’هرتڪ روشن‘ سان هيروئن طور آئي هئي، جنهن جي ڪاميابيءَ کيس اسٽار بنائي ڇڏيو. ان کانپوءِ اميشا پٽيل فلم ’غدار‘ ۾ ڪم ڪيو. تنهن کانپوءِ ’ايڪ پريم ڪٿا‘ ۾ سني ديول سان گڏ آئي. ان کانپوءِ ٻہ ٽي سال سندس فلمون ناڪام رهيون، وري 2002ع ۾ فلم ’همراز‘ ۾ اڪشي کنا سان ڪم ڪيائين، جيڪا فلم ڪامياب ٿيڻ سبب، کيس فلم فيئر جو ’بيسٽ ايڪٽريس اوارڊ‘ مليو. اميشا پٽيل جون ٻيون ڪي فلمون هي آهن: (1) ’ڪيا يھي پيار هئي‘، جنهن ۾ سندس هيرو سنڌي اداڪار آفتاب شــوَداسـاڻـي هـو، (2) ’آپ مجهي اڇي لگتي هين‘، (3) يـه هـئــي جـلــوه، (4) منگل پانڊي وغيرہ.
2006ع کانپوءِ هن جيڪي فلمون ڪيون، انهن ۾ ’ان ڪھي‘، ’آپ ڪي خاطر‘ ۽ ’ريس-2‘ نالي فلمون شامل آهن. هن ڪن تيليگو فلمن ۾ بہ ڪم ڪيو ۽ هاڻي پروڊڪشن ڏانهن لاڙو رکيو اٿس.
هندستاني اداڪارائن مان اميشا پٽيل کي هندستان جي سڀ کان پرڪشش (sexiest) عورت جو لقب پڻ مليل آهي.


لفظ اميشا پٽيلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.06.09  عيسوي

بالي ووڊ جي مشهور خوبصورت اداڪاره اميشا پٽيل جو پيءُ گجراتي ۽ ماءُ سنڌياڻي آهي. هيءَ 9 جون 1975ع ۾، ممبئيءَ ۾ ڄائي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

درويش بابو سنڌي
سر غلام حسين هدايت ﷲ
ملا جلال ٺٽوي
جنجهي غلام محمد
رتناگر شيرين
تلڪ بال گنگاڌر
شاھہ محمد نابينا
ڀوڄراج ڪرمچند ڇاٻڙيا
ڀٽي عزيز ميجر شھيد
شيخ سليمان سيفي سنڌي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون