امرڪوٽ - عمرڪوٽ

امرڪوٽ - عمرڪوٽ

امر ڪوٽ عمرڪوٽ

امرڪوٽ- عمرڪوٽ: هيءَ وسندي/شھر 25◦22′ اتر ويڪرائي ڦاڪ 69◦47′ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ٿر ۾ آهي. ميرپورخاص کان ٤٦ ميل اوڀر ۾ ٺيڪ ان جاءِ تي آهي جتان واريءَ جون ڀٽون شروع ٿين ٿيون. ھي شھر پنھنجي قلعي سبب مشھور آھي؛ جيڪو پرمار سوڍي تعمير ڪرايو. ھن تي پوءِ سومرن قبضو ڪيو. وري ١٢٢٦ع ۾ سوڍن جي ھٿ ۾ رھيو. راجپوتن، ھمايون کي ھتي پناھہ ڏني ۽ اڪبر بادشاھہ جو جنم ٿيو. ڪلھوڙن جي دور ۾ عمرڪوٽ ميان نورمحمد جي قبضي ھيٺ ھو، جنھن کي ڪلھوڙن جوڌپور جي راجا کي وڪيو. ١٨١٣ع ۾ ميرن ھي شھر واپس ورتو. سنڌ تي انگريزن جي حڪومت دوران، ھن کي ضلعي ھيڊ ڪوارٽر جو درجو مليو. قلعو سرڪاري سنڀال ھيٺ آھي.
تاريخ ڏسائي ٿي تہ امرڪوٽ سنڌ جي انهن چند شهرن مان آهي، جيڪي سنڌ جا تمام قديم ۽ آڳاٽا آهن. امرڪوٽ ٿر ۽ سنئين زمين جي ڪس تي آهي، هن شھر جي ايراضي ڪنهن دور ۾ تقريباً چوڏهن پندرهن ميلن ۾ پکڙيل هئي. پراڻي امرڪوٽ جا آثار ’شو‘ جي مندر کان وٺي ڏياتيھہ تائين نظر اچن ٿا. هن شھر کي ڪڏهن ”ديهات“ جي نالي تہ ڪڏهن ”همروٽ“، ڪڏهن ”پدمات“ تہ ڪڏهن ”امراڻو“ ۽ ڪڏهن ”امراپري“ جي نالي سان سڏيو ويو آهي، ليڪن هن وقت عمرڪوٽ جي نالي سان مشھور آهي. جيڪو سراسر غلط آهي، هن شھر کي عمر سومري جي نسبت سان عمرڪوٽ برٽش دور کان سڏيو ويو، حالانڪہ عمر سومري جو امرڪوٽ جي شھر ۽ قلعي سان ڪو بہ واسطو نہ آهي. تاريخ جا قديم ماخذ ”تاريخ فرشته“، ”آئين اڪبري“، ”اڪبر نامہ“، ”شاھجھان نامہ“ ۽ ٻيا مصنف انهي ڳالھہ تي متفق آهن تہ هن شھر جو نالو امرڪوٽ آهي.
امرڪوٽ جي تاريخ ۽ روايتن کي مد نظر رکي اهو چئي سگهجي ٿو تہ هي شھر قبل مسيح ۾ بہ آباد هو، خاص ڪري ٻڌ ڌرم واري دور ۾ هي شھر اوج تي هو، جوڳرائي جو تلاءُ ان دور جي مشھور يادگار آهي، چون ٿا تہ هن شھر جي ڀر ۾ لامٻي تلاءُ جي سر تي ۽ جوڳرائي جي ڪپر تي مهاتما ٻڌ جي پوئلڳن اچي چلا ڪڍيا، جنهن ڪري اتي هڪ شاهي قلعو مهاراجه وڪرما جيت ٺهرايو. هي شھر مهاراجه وڪرما آباد ڪيو، ليڪن هتي انسان ذات جي وسنديءَ جا آثار ان کان بہ قديم آهن. ان قديم دور جي آثارن ۾ هڪ ”جوڳرائي“ جو تلاءُ ۽ ٻيو ’شو‘ جو آستان آهي. انهيءَ ’شو‘ جي مندر وٽ برهمڻ، آباد هئا، گڏوگڏ ڀڪشوئن جو بہ زور هو. شوِ جو مندر ڀٽن واري زمين تي آهي ۽ انهن واري جي دڙن مان ٻڌ ڌرم جي دور جا مڻڪا اڄ بہ عام جام ملن ٿا. تحقيق بعد اهو معلوم ٿيو تہ امرڪوٽ جو شھر قديم آهي ۽ لڳ ڀڳ امر ڪوٽ جو قلعو بہ ايترو ئي پراڻو آهي، ڇهين صدي جي آخري ڏهاڪي ۾ هن شھر تي پرمار راجائن جي حڪومت هئي، انهن راجائن جي حڪومت کي يارهين صدي عيسوي ۾ حاڪم حمير سومري ختم ڪيو. هن قديم شھر کي اهو اعزاز حاصل آهي تہ هن شھر ۾ بادشاھہ جلال الدين محمد اڪبر جي ولادت ٿي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو