امر جماڻي ڏيپلائي

امر جماڻي ڏيپلائي

امر جماڻي ڏيپلائي

امر جُماڻي ڏيپلائي: مشھور تعليمي ماهر، اديب، شاعر ۽ ڪھاڻيڪار جماڻي ڏيپلائي'>امر جماڻي ڏيپلائي جو اصل نالو پروفيسر محمد جمن ولد سڪيلڌو خان جماڻي آهي. 7 اپريل 1956ع تي ڏيپلي شھر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم اي ۽ بي ايڊ آهي. عملي زندگيءَ جو آغاز 1975ع ۾ جونيئر اسڪول ٽيچر طور ڪيو. 1992ع ۾ هاءِ اسڪول ٽيچر ۽ 1993ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو. گورنمينٽ ميمڻ انجمن هاءِ اسڪول حيدرآباد، گورنمينٽ اسلاميہ ماڊرن هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ گورنمينٽ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد جهڙن سنڌ جي اعليٰ ۽ قديم درسگاهن کان علاوہ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڊگهڙي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول جهڏي ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊي جان محمد ۾ پڻ استاد ٿي رهيو. جنهن کانپوءِ پاڻ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج کپري ۽ ٽنڊي جان محمد ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿي رهيو. مارچ 1978ع ۾ سندس ٻہ ٻاراڻيون ڪھاڻيون ”طوطي جي سياڻپ“ ۽ ”ڪوئلي جي ڪھاڻي“ هڪ ئي وقت مارچ 1978ع ۾ روزاني ’هلال پاڪستان‘ جي ٻاراڻي رسالي ”گلن جھڙا ٻارڙا“ ۾ شايع ٿيون. جڏهن تہ مئي 1978ع ۾ ماهوار ”گل ڦل“ ۾ سندس ڪھاڻي ”ڪوماڻيل مُکڙيءَ“ شايع ٿي. جنهن تي کيس انعام پڻ مليو. اها ڪهاڻي گهڻو مقبول هئڻ سبب ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ٽي دفعه نشر ٿي.
امر جماڻي بيت، وائي، غزل، گيت، نظم، ۽ نثري نظم ۾ پڻ طبع آزمائي ڪئي آهي. جماڻي ڏيپلائي'>امر جماڻي ڏيپلائي ادب سان گڏ اسٽيج ۽ فن جي دنيا سان بہ وابستہ رهندي ڪمپيئر، اسٽيج اداڪار ، ڊرامه نگار ۽ هدايت ڪار پڻ رهيو. سندس ڇپيل تحقيقي مقالن ۾ ”حضور صلي عليہ وسلم ۽ سنڌ“، ”مون جو دڙو، موئن جو دڙو يامُهين جو دڙو؟“، ”قديم سنڌي شاعري“، ”اسلام جي اچڻ کان اڳ سنڌي ادب“، ”ٽنڊو جان محمد جا تاريخي ماڳ مڪان“، ”ماڻڪاڻي ٽالپر ۽ ميرپورخاص جو تاريخي جائزو“، جڏهن تہ ”ٿر ڄائي مارئي“ ۽ عبرت مئگزين ۾ ”دل دل ۾ آهي بينظير“ ڇپيل آهن. جماڻي ڏيپلائي'>امر جماڻي ڏيپلائي 11 جولاءِ 2020ع تي ٽنڊي جان محمد ۾ وفات ڪئي.


لفظ امر جماڻي ڏيپلائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.04.07  عيسوي

امر جماڻي ڏيپلائي جو اصل نالو پروفيسر محمد جمن ولد سڪيلڌو خان جماڻي آهي. 7 اپريل 1956ع تي ڏيپلي شهر ۾ پيدا ٿيو.


2020.07.11  عيسوي

امر جماڻي ڏيپلائي 11 جولاءِ 2020ع تي ٽنڊي جان محمد ۾ وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ضراب حيدر
چنا سليم
مرتضيٰ سيال
ٻلديو مٽلاڻي
چرن داس گُر سھاڻي
جهانگياڻي سنتداس
ڪاشف حسين سومرو
عبداللطيف مھر
محمد سومار شيخ
محمد حسين اعواڻ ڪروڙ پتي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون