
امداد محمد شاهه
امداد محمد شاھہ: سيد امداد محمد شاھہ، سنڌ جي قديم تاريخي شھر ”سن“ جي سيد حيدر شاھہ سنائيءَ جي خاندان جو چشم چراغ آهي. هن، سنڌ جي بزرگ سياستدان ۽ قومي رهبر سائين جي. ايم. سيد جي گهر ۾، 30 سيپٽمبر 1935ع تي سومر جي ڏينهن جنم ورتو. امداد محمد شاھہ ابتدائي سنڌيءَ جا ٽي درجا سن جي پرائمري اسڪول مان پاس ڪيا، جنهن کان پوءِ کيس ڪراچيءَ جي گرامر اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي 1948ع تائين پڙهندو رهيو. هندستان جي ورهاڱي سبب لڏي آيل مسلمانن کي ڪراچيءَ جي اسڪولن ۾ رهايو ويو ۽ اسڪول بند ڪيا ويا، ان ڪري پاڻ ڳوٺ موٽي آيو. جڏهن واپس ڪراچي گرامر اسڪول ۾ ويو، تہ دير سان پهچڻ سبب سندس داخلا رد ڪئي وئي. ان کان پوءِ کيس سينٽ پيٽرڪ اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتان 54- 1953ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ڊي. جي سائنس ڪاليج ۾ داخل ٿيو. سندس ارادو انٽر سائنس ڪري، ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهڻ جو هو، پر اها خواهش گهرو حالتن سبب پوري ٿي نہ سگهي، ڇاڪاڻ تہ سندس وڏو ڀاءُ امير حيدرشاھہ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن هليو ويو ۽ سندس والد جي ايم سيد کي ون يونٽ جي مخالفت سبب جيل ۾ بند ڪيو ويو، ان ڪري کيس تعليم سان گڏ گهرو ذميواريون سنڀالڻيون پئجي ويون. بي. ايس. سي جو امتحان پاس ڪري ڳوٺ ”سن“ اچي زمينداري سنڀاليائين. بعد ۾ اسلاميہ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا وٺي، 1965ع ۾، امتيازي حيثيت سان ايل. ايل. بي جي ڊگري حاصل ڪيائين. امداد محمد شاھہ کي پنھنجي اباڻي زمينداري حصي مان زمين جو حصو تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ مجيد ڪيريي ۾ مليو، ان ڪري اُتي رهڻ سبب، سنڌ جي مشھور قومي ڪارڪن قاضي فيض محمد ايڊيوڪيٽ سان گڏجي نوابشاھہ ۾ وڪالت ڪيائين.
امداد محمد شاھہ، تعليمي ميدان ۾ ڪافي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هن 1956ع ۾ سن ۾ مڊل اسڪول کولرايو ۽ ٻھراڙيءَ جي شاگردن لاءِ مفت رهائش ۽ کاڌي پيتي جي انتظام لاءِ شاھہ حيدر ايڊيوڪيشنل سوسائٽي قائم ڪئي. 1979ع ۾ ضلعي ڪائونسل نوابشاھہ جي ميمبر چونڊجڻ بعد، تعلقي سڪرنڊ جي ٻھراڙيءَ ۾، تعليم جي ترقيءَ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪري، تعلقي ۾ ڪيترائي پرائمري، مڊل ۽ هاءِ اسڪول قائم ڪرايائين. خاص ڪري ڇوڪرين جي تعليم لاءِ اسڪول کولايائين. سڪرنڊ شھر ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ سائنس ڌار ڌار ڪاليج کولرايائين. قاضي احمد جي هاءِ اسڪول کي هاير سيڪنڊري اسڪول جو درجو ڏياريائين.
امداد محمد شاھہ، 1985ع ۽ 1988ع ۾ ٻہ ڀيرا سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ اڪيلي مخالف ڌر جي ميمبر جي حيثيت ۾، سنڌ جي حقن لاءِ ڀرپور آواز اٿاريائين. هو ڪيترين ئي تعليمي سوسائٽين جو باني، چيئرمئن ۽ ميمبر رهيو آهي. جھڙوڪ شاھہ حيدر ايڊيوڪيشنل سوسائٽي سن، محمد هاشم ٺٽوي ايڊيوڪيشنل سوسائٽي، سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ طرفان قائم ڪيل قائداعظم پبلڪ اسڪول درساڻو ڇني ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جو ميمبر وغيرہ. شاھہ صاحب، نوابشاھہ ضلعي، تعلقي سڪرنڊ ۽ تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ ڪيترائي سماجي ڪم ڪيا، اسڪول، اسپتالون، موريون ٺهرايون. ڊرينيج سسٽم ۽ رستا ٺهرايا. اهوئي سبب هو، جو هو جڏهن بہ پنھنجي سڪرنڊ واري تڪ مان چونڊن ۾ بيٺو تہ سندس مقابلي ۾ ڪنهن بہ پارٽيءَ جو اميدوار کٽي نہ سگهيو.
شاھہ صاحب سياسي طرح عوامي ليگ جو ميمبر رهيو ۽ ڪجهہ وقت ’پونم‘ جي پليٽفارم تان سنڌ ۽ ٻين ننڍن صوبن جي قومي حقن لاءِ جدوجھد ۾ بہ سرگرم رهيو. شاھہ صاحب جي انٽرويوز تي مشتمل هڪ ڪتاب ”زندگي کليل ڪتاب“، مارئي اڪيڊميءَ سڪرنڊ پاران 1999ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس وفات 29 سيپٽمبر 2004ع تي ٿي. کيس ڳوٺ مجيد ڪيريي ۾ مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس نالي پويان هڪ فلاحي ادارو ”امداد فائونڊيشن“ 2007ع کان ڪم ڪري پيو .
1935.09.30 عيسوي
امداد محمد شاهه 30 سيپٽمبر 1935ع تي جنم ورتو
2004.09.29 عيسوي
امداد محمد شاهه 29 سيپٽمبر 2004ع تي گذاري ويو