امداد علي

امداد علي (بانسري نواز): ناميارو بانسري نواز امداد علي، 20 آگسٽ 1972ع تي استاد محمد قاسم مڱڻهار جي گهر ۾ جنم ورتو. هن فن جي سکيا شروع ۾ پنھنجي والد کان ورتي. مشھور شرناءِ نواز استاد زوار بسنت جي پٽ استاد امام بخش کان شاگرديءَ جو سڳو ٻڌرايائين. 1992ع ۾ بانسري نواز طور ريڊيو حيدرآباد تان متعارف ٿيو. هن پي.ٽي.وي جي چئني صوبائي مرڪزن تان فن جو مظاهرو ڪيو آهي. ان کان سواءِ دبئي ۽ ابو ظبهيءَ ۾ بہ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. هن ڳچ عرصو استاد فيروز گل، استاد امانت گل، استاد رجب علي رضا، استاد فيروزالدين ۽ ٻين موسيقارن سان گڏ سنگت ۾ رهيو. امداد علي 200 کان وڌيڪ ڪئسيٽ رڪارڊنگس ۾ بانسري وڄائي چڪو آهي، جن ۾ عابدہ پروين، خانصاحب گلزار علي خان، شمن ميرالي، امبر مهڪ، استاد امير علي ۽ ٻين فنڪارن جون آڊيو ڪيسٽون شامل آهن. کيس شاھہ لطيف جي عرس جي تقريبن ۾ بھترين بانسري نواز جو سرٽيفڪيٽ، مهدي شاھہ اوارڊ ۽ دبئي ۾ پڻ تعارفي اعزاز ملي چڪا آهن. امداد عليءَ جي شاگردن ۾ خادم حسين مڱڻهار، ميوو مڱڻهار، پپو مڱڻهار ۽ ڪاڪو پڻ سکيا وٺي رهيا آهن. اڄڪلھہ ڪوٽڙيءَ ۾ رهي ٿو.


لفظ امداد عليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو