
امداد شاهه مست جو مقبرو
امداد شاھہ مست جو مقبرو: امداد شاھہ ’مست‘ جو مقبرو تعلقي سوڀيديري، ضلعي خيرپور ميرس ۾ واقع آهي، جيڪو پنھنجي دور جو وڏو صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي. هيءُ مقبرو رٿ ۾ اعليٰ تعميراتي يادگار آهي. مقبري تي چٽ ۽ گلڪاري ٿيل هئي، جيڪا هينئر مٽجي وئي آهي. مقبرو رٿ ۾ ميرن جي دؤر جي تعميراتي نموني جو آهي، جنهن جي ونگ گول ڪنهن قدر چهنباري ٺهيل آهي. ان جي مهاڙيءَ ۾ ونگائي لنگهہ، محرابي ونگن سان ننڍو چوڪاٺيءَ ڪاٺ جو در نصب ٿيل آهي. در واري طاقچي جي پاسن وارن ٻنهي طاقچن ۾ ڪالم ۽ نمائشي ونگدار دريون آهن. وچ وارو طاقچو مٿي وڃي عمارت جي وچ تي تاج ٺاهي ٿو. جنهن جي ٻنهي ڪنڊن تي ٿنڀيون ۽ انهن تي ننڍڙا گنبذ ٺهيل آهن، جن ۾ نيلن لاءِ لوهي سيخون نصب ڪيل ڏسجن ٿيون. مقبري جي مهاڙيءَ وارين ٻنهي ڪنڊن تي طاقچي تي نصب ٿنڀرين جي طرز جون برجيون آهن، جڏهن تہ باقي پوياڙيءَ وارين ڪنڊن تي ننڍڙا گنبذ ٺهيل آهن. پاسي واريون ديوارون پيڙھہ کان لسيون آهن، جڏهن تہ وچ کان مٿي ستن ستن درين وانگر ڪالم ۽ انهن مٿان روشندان ٺاهيا ويا آهن. مقبري جي ٻيڙ ٻني تي چؤطرف بٺيءَ نموني ڪنگريون آهن. ڇت تي اٺ ڪنڊو گچ ۽ ان کي ڪنڊ جوڙون ڏئي، گنبذ رکيو ويو آهي. گنبذ تي ابتي ڪوڻيءَ جي گل تي نيل نصب آهي. مقبري جي اڱڻ ۾ پڪيون قبرون آهن. پاسي ۾ ساڳيءَ طرز جي ٻيڙ ٻني ۽ ڪنگرين واري ڇت سان حجرو آهي. مقبري کي پاسي کان هڪ ننڍو لنگهہ بہ ڇڏيو ويو آهي.