امام ماڇياڻي

امام ماڇياڻي: ناليواري لوڪ فنڪارہ مائي امام ماڇياڻي ڌيءَ محمد بخش عرف ڪانڊيرو ماڇي 1948ع ڌاري ضلعي لاڙڪاڻي جي شھر نئين ديري ۾ ڄائي. سندس والد پنھنجي دور جو عوامي فنڪار هو، جنهنڪري موسيقيءَ جو فن کيس ورثي ۾ مليو. مائي امام ماڇياڻي شادين مرادين ۾ منعقد ٿيندڙ عورتاڻين محفلن ۾ ڳيچ، سهرا ۽ لاڏا ڳائيندي آهي. هوءَ انڊيا جا گانا، سنڌي جديد فنڪارن جا ڪلام توڙي سهرا سھڻي انداز ۾ ڳائڻ جو فن رکي ٿي. سندس آواز نهايت سريلو آهي. سندس آواز ۾ گل حسن ميراڻيءَ سان دوگانن تي مشتمل هڪ آڊيو البم بہ جاري ٿي چڪو آهي.


لفظ امام ماڇياڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو