امام علي جنجھي

امام علي جنجھي

امام علي جنجهي

امام علي جنجهي: نظم جي مشھور شاعر امام علي ولد محمد يوسف جنجهي 15 مارچ 1975ع تي ڳوٺ وڪڙيي، تعلقي اسلام ڪوٽ، ضلعي ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو. ماڊل اسڪول، ميرپورخاص مان انٽر تائين تعليم حاصل ڪئي. سنڌي ادبي سنگت شاخ، اسلام ڪوٽ جو ٻہ ڀيرا سيڪريٽري ۽ هڪ ڀيرا ڪائونسلر، ’سنڌ ڪوتا ڪارج‘ تنظيم اسلام ڪوٽ جو ٻہ ڀيرا سيڪريٽري ۽ هڪ ڀيرو خزانچي ۽ ’ميگهہ سماجي‘ تنظيم جو 2003ع کان 2016ع تائين سيڪريٽري رهي چڪو آهي. هن غير سرڪاري اداري ‘PVDP’ ۾ سوشل موبلائيزر ايڊمن ايريا آفيس انچارج طور 15 سالن تائين سانگهڙ، خيرپور، ميرپورخاص، ماتلي، ننگرپارڪر ۾ ڪم ڪيو.کيس سامي فائونڊيشن پاران 2008ع ۾ ’پورب ڄائي‘ اوارڊ ڏنو ويو. سندس شاعري مختلف سنڌي رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندي رهي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.03.15  عيسوي

نظم جي مشھور شاعر امام علي ولد محمد يوسف جنجهي 15 مارچ 1975ع تي ڳوٺ وڪڙيي، تعلقي اسلام ڪوٽ، ضلعي ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اشرف زمان پير چنڊامي
ساز علي ساز
اسد قصہ خوان
جبار آزاد منگي
باشو 1
گوورڌن شرما گهايل
رمز علي فقير
چانڊيو نظام الدين
ميرغلام ﷲ خان ٽالپر شاهواڻي
شبنم موتي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون