امام علي بيگ ميرزا

امام علي بيگ ميرزا

امام علي بيگ ميرزا علي

امام علي بيگ ميرزا”علي“: ميرزا امام علي بيگ ”علي“ ولد ميرزا قاسم علي بيگ 1881ع ۾ حيدرآباد ۾ تولد ٿيو. پاڻ قرآن مجيد جي تعليم پنھنجي والد ميرزا قاسم علي بيگ کان حاصل ڪري، آخوند، علي محمد جي مدرسي مان درسي تعليم حاصل ڪيائين. مولانا ابوالحسن لکنويءَ کان ديني تعليم جو بہ درس وٺندو هو. شاعريءَ سان گڏ خوشنويسي، مصوري ۽ زردوزي قدرت کيس ورثي ۾ عطا ڪئي هئي. هِزهائينيس مير حاجي نور محمد سان گڏ ٻہ ڀيرا عراق ۽ ايران جون زيارتيون ڪيائين. پير سيد علي اصغر شاھہ راشدي جڏهن بہ حيدرآباد ايندو هو تہ وٽس رهندو هو ۽ سندس فن ۾ ڪماليت ڏسي کيس ”نقاشِ ازل اول“ جي لقب سان سڏيندو هو. ڊاڪٽر علي احمد قاضي، ميرزا صاحب جي مصوريءَ جي تمام گهڻي تعريف ڪئي آهي. سندس ڪلام مرثين، سلامن، غزلن، قصيدن، مناجات ۽ نعت تي مشتمل آهي. فاتح سنڌ مير فتح علي خان ٽالپر جي ٺهرايل تعزيه جي خوبصورتيءَ ۾ اضافو ڪرائڻ لاءِ ابرق تي نقاشيءَ جو ڪم ڪري تعزيه تي زري هنئي هئائين. پاڻ 4 سيپٽمبر 1955ع تي وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1881.00.00  عيسوي

ميرزا امام علي بيگ ” علي “ 1881ع ۾ حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو


1955.09.04  عيسوي

امام علي بيگ ميرزا ”علي“ 4 سيپٽمبر 1955ع تي وفات ڪري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد محمد عالم شاھہ عالم ٽکڙائي
ديويڪا راڻي
آفتاب شيرپائو
جعفري، علي مظهر
شوڪت حسين شاھہ بابو شاھہ
دريا خان کوسو
جانڪي دادي
جابر بن افلح
خواجہ ﷲ بخش غفاري سھڻا سائين
راما ٻائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون