امام بخش گهرياڻي

امام بخش گهرياڻي: امام بخش گهرياڻي دادوءَ جو مشھور ۽ معروف وڪيل سال 1945ع ڌاري ڳوٺ شاھہ حسن ۾ ڄائو. ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ دادوءَ اچي سيشن ڪورٽ ۾ ڪلارڪ ڀرتي ٿيو. نوڪريءَ دوران ايل. ايل. بي جو امتحان پاس ڪيائين ۽ پوءِ وڪالت ڪرڻ لڳو. هي پيپلز پارٽيءَ جي باني ميمبرن مان هو، هو پيپلز پارٽي دادو سٽيءَ جو پهريون جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. مشھور وڪيل ۽ سماجي ڪارڪن آسن داس جو وڪالت ۾ اسسٽنٽ هو. جڏهن آسن داس هندوستان ويو تہ ڪچهري روڊ واري آفيس سندس حوالي ڪري ويو. امام بخش يارن جو يار، هڏ ڏوکي ۽ قومي جذبا رکندڙ، تاريخ ۽ ادب سان پيار ڪندڙ شخص هو. تاج صحرائي ۽ استاد بخاري سميت ٻيا بہ دادوءَ جا اديب شاعر ۽ ادب دوست شام جو روز سندس آفيس تي ڪچهري لاءِ ڪٺا ٿيندا هئا. هن ايم. آر. ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو، جنهنڪري ڪيترا ڀيرا جيل بہ ڀوڳيائين. محترمہ بينظير جي پوئين دور ۾ کيس پبلڪ اڪاٽونس ڪميٽيءَ جو ميمبر مقرر ڪيو ويو. استاد بخاري اڪيڊميءَ جو ميمبر هو. عمر جو آخري حصو بيماري ۾ رهندي سال 2009ع ۾ وفات ڪيائين.


لفظ امام بخش گهرياڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1945.00.00  عيسوي

امام بخش گهرياڻي 1945ع ڌاري ڳوٺ شاهه حسن ۾ ڄائو


2009.00.00  عيسوي

امام بخش گهرياڻي 2009ع ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سر سيد احمد خان
سيد مقبول حسين موسوي
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
عبدالقادر انڍڙ
ڦوٽو فقير چانگ
شاهنواز ٻرڙو ڊاڪٽر
قمر ڪوهستاني
خفيف I
مير محمد مقبول سومرو پروفيسر
پلي خانصاحب عطا محمد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون