امام بخش شمس

امام بخش ’شمس ‘:عالم ۽ اديب امام بخش شمس ولد ڪريم بخش ميمڻ پهرين جنوري 1940ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. ايم. اي پوليٽيڪل سائنس، ايم. اي سوشالاجي، بي. ايڊ ۽ ايل. ايل. بي جون ڊگريون حاصل ڪيائين. پيشي جي لحاظ کان پروفيسر هو. هن 26 فيبروري 1969ع تي ’انجن تحفظ اسلام شڪارپور‘ (رجسٽرڊ) نالي هڪ ادارو قائم ڪيو، جنهن طرفان ڪيترائي اصلاحي ڪتاب شايع ڪيائين. سندس لکيل ڪتابن مان: (1) نورِ هدايت (2) هدايتِ محمّدي (3) مشعلِ مصطفيٰ (4)راهِ عمل(5)گلدستهء احاديث نبوي صلي الله عليه وسلم (6) راهِه نجات (7) راهِ سعادت ۽ (8)روشن راهه وغيره شايع ٿيا.


لفظ امام بخش شمسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

01.01.1940  عيسوي

عالم ۽ اديب امام بخش شمس ولد ڪريم بخش ميمڻ پهرين جنوري 1940ع تي شڪارپور ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀلوُ
رحمت الله بهڻ
عبدالمجيد نائچ
سرفراز ڪلهوڙو
صديقي سليم الزمان ڊاڪٽر
پير جعفر علي شاهه
پٺاڻ درمحمد ڊاڪٽر
راز عبدالخالق سومرو
درويش مريد بلوچ
جهان خان کوسو مسڪين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون