امام بخش شر

امام بخش شَرُ: امام بخش شَرُ، شھر ”ٻوٻي“ تعلقي سنجهوري جي اڀرندي طرف هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهندو هو. سندس ولادت ۽ وفات جي تاريخ وغيرہ معلوم ٿي نہ سگهي آهي. ڏاڍو رحمدل ۽ خوش مزاج شخص هو. هي پنھنجي وقت جو وڏو سگهڙ ٿي گذريو آهي. ڪيترائي ڪلام چيا اٿس، جنهن ۾ ڏور، ڳجهارتون ۽ خاص ڪري هنر جا بيت تمام مشھور آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو