امام بخش شاھہ فدوي

امام بخش شاھہ ”فدوي“: امام بخش شاھہ ”فدوي“ ٺٽي جي رضوي ساداتن مان هو. 1822ع ۾ سندس ولادت ۽ 1888ع ۾ سندس وفات ٿي. وڏو عالم ۽ بزرگ هو. مهدوي عقيدي جو هو. ٺٽي ۾ پنهنجو مدرسو قائم ڪيو هئائين، جتي پاڻ درس ڏيندو هو. مير مرتضائي ٺٽويءَ جو ڀائٽيو ۽ شاگرد هو. شاعر بہ هو. مرثيا، منقبت ۽ غزل چيا اٿس. هڪ مثنوي ”يوسف زليخا“ بہ لکي اٿس. سندس واسطو مڪليءَ جي مشھور اولياء سيد محمد يوسف جي خاندان سان هو. سندس پيءُ جو نالو روشن شاھہ هو. امام بخش شاھہ فدوي جوانيءَ جي ڏهاڙن ۾ تپيدار هو. هو جهرڪ ۽ گهوڙاٻاري، وغيرہ ۾ نوڪريءَ سانگي رهيو. 1876ع ۾ نوڪري ڇڏيائين. هن جا سنڌ جي مشھور شخصيت غلام محمد شاھہ ”گدا“ سان گهرا لاڳاپا هئا ۽ هو سدائين حيدرآباد ۾ ساڻس ملندو هو. ڊاڪٽر اياز قادري پنھنجي ڪتاب ”غزل جي اوسر'>سنڌي غزل جي اوسر“ جي ٻئي ڀاڱي ۾ لکي ٿو تہ ”فدوي پنھنجي دؤر جو نہ صرف شاعر هو، پر ٺٽي جو پهريون شاعر آهي، جنهن ڄاڻي واڻي سنڌي شاعريءَ ڏانهن وک وڌائي.“ امام بخش شاھہ فدويءَ جو سنڌيءَ ۾ ديوان پڻ موجود آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1822.00.00  عيسوي

امام بخش فدوي: 1822ع ۾ سندس ولادت ۽ 1888ع ۾ سندس وفات ٿي


1888.00.00  عيسوي

امام بخش فدوي: 1822ع ۾ سندس ولادت ۽ 1888ع ۾ سندس وفات ٿي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ محمد سرفراز ٺٽوي
جان شير خان
عبدالرحمان پيرزادو ميان
قاضي دوست محمد اول
هوت خان رند
شرميلا ٽئگور
رمضان مگسي
شيخ لاڏ جيو پاٽائي
اميد علي شاھہ رضوي سياستدان
رفسنجاني علي اڪبر هاشمي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون