امام الدين ’ضامن‘: سنڌ جي مزاحيہ شاعر امام الدين ’ضامن‘ 16 مارچ 1909ع تي ميهڙ ڀرسان دٻيءَ ۾ جنم ورتو. امام الدين انگريزن جي دؤر ۾ هڪ بھترين سنڌي مزاحيہ شاعر هو. هن ابتدائي تعليم پنھنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. والد جي وفات کانپوءِ هن تعليم پنجين درجي ۾ ڇڏي ٽپال کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪئي، بعد ۾ اها نوڪري ڇڏي فقيريءَ جي تلاش ۾ نڪتو ۽ وڃي شھباز قلندر جي درگاھہ وسايائين. شمس الدين ’بلبل‘ جي صحبت ۾ رهي شاعري ڪيائين. شاعريءَ ۾ سندس تخلص ’ضامن‘ هو. سندس مزاحيہ شاعري ناصحانه گفتن سان ڀرپور آهي، جنهن ڪري کيس تمام گهڻي مڃتا ملي. هن 1959ع ڌاري وفات ڪئي.
1909.03.16 عيسوي
سنڌ جي مزاحيه شاعر امام الدين ’ضامن‘ 16 مارچ 1909ع تي ميهڙ ڀرسان دٻيءَ ۾ جنم ورتو.