امام الدين ضامن 1

امام الدين ’ضامن‘: سنڌ جي مزاحيہ شاعر امام الدين ’ضامن‘ 16 مارچ 1909ع تي ميهڙ ڀرسان دٻيءَ ۾ جنم ورتو. امام الدين انگريزن جي دؤر ۾ هڪ بھترين سنڌي مزاحيہ شاعر هو. هن ابتدائي تعليم پنھنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. والد جي وفات کانپوءِ هن تعليم پنجين درجي ۾ ڇڏي ٽپال کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪئي، بعد ۾ اها نوڪري ڇڏي فقيريءَ جي تلاش ۾ نڪتو ۽ وڃي شھباز قلندر جي درگاھہ وسايائين. شمس الدين ’بلبل‘ جي صحبت ۾ رهي شاعري ڪيائين. شاعريءَ ۾ سندس تخلص ’ضامن‘ هو. سندس مزاحيہ شاعري ناصحانه گفتن سان ڀرپور آهي، جنهن ڪري کيس تمام گهڻي مڃتا ملي. هن 1959ع ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1909.03.16  عيسوي

سنڌ جي مزاحيه شاعر امام الدين ’ضامن‘ 16 مارچ 1909ع تي ميهڙ ڀرسان دٻيءَ ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

زيب ڪنگو
خليل عارف سومرو
غلام نبي غازي
مينگهو فقيرشر
احسان علي شاھہ 1
خوش خير محمد هيسباڻي
رمز علي فقير
ڀٽو مدهوش
رحيمداد راهي
امام الدين ضامن 1
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون