امام اسماعيل: امام جعفر صادق رحه جو وڏو فرزند ۽ اسماعيلي فرقي جو ڇهون امام، عام تاريخي روايتن موجب، سندس وفات 142ھہ/760ع ۾ ٿي ۽ امام جعفر صادق، کانئس پنج سال پوءِ 148ھہ/765ع ۾ وفات ڪئي. پر اسماعيلين جي تاريخي روايتن مطابق عباسي حڪومت، امام اسماعيل جي دشمن ٿي وئي هئي، تنهنڪري امام جعفر صادق کيس مصلحتاً سلميه (شام) موڪلي ڇڏيو، ۽ پاڻ 148ھہ/765ع ۾ امامت جي مسند تي ويٺو ۽ ڏھہ سال پوءِ 158ھہ/775ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ گهڻو وقت سلميه ۾ ئي رهيو ۽ اتي ئي سندس مزار آهي.
0760.00.00 عيسوي
عام تاريخي روايتن موجب ، سندس وفات 142هه/760ع ۾ ٿي ۽ -امام- جعفر صادق ، کانئس پنج سال پوءِ 148هه/765ع ۾ وفات ڪئي
0142.00.00 هجري
تاريخي روايتن موجب ، سندس وفات 142هه/760ع ۾ ٿي ۽ -امام- جعفر صادق ، کانئس پنج سال پوءِ 148هه/765ع ۾ وفات ڪئي