امام احمد بن حنبل رحه

امام احمد بن حنبل رحه: بن حنبل رحه'>امام احمد بن حنبل رحه فقہ جي اُنهن چئن امامن مان هڪ هو، جنهن جي پيروي ڪرڻ ۾ مسلمان سعادت سمجهن ٿا.
امام صاحب جي ولادت 163ھہ/ مطابق 780ع ڌاري بغداد ۾ ٿي. تعليم وڏن محدثن وٽ حاصل ڪيائين. وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ لاءِ مڪي، مديني، شام، بصري، يمن ۽ ڪوفي بہ ويو. 185ھہ/801ع ڌاري حديث جي عنوان تي هڪ ڪتاب لکيائين، جنهن ۾ هڪ لک ويھہ هزار حديثون شامل هيون. سندس شاگردن ۾ امام بخاري رحه ۽ امام مسلم رضا رحه قابل ذڪر آهن.
خليفي معتصم بالله جي حڪومت جي دؤر ۾، امام صاحب جن ’خلق قرآن‘ جو نظريو رکندڙ هو. انهيءَ ڳالھہ تي کيس هٿڪڙيون ۽ ٻيڙيون هڻي، معتصم بالله جي درٻار ۾ آندو ويو، جتي کيس قرآن کي مخلوق چوڻ لاءِ چيو ويو، پر پاڻ نہ مڃيائون، جنهنڪري مٿس دُرن (ڦٽڪن) جو وسڪارو ڪرايو ويو. آخر بيهوش ٿي ڪري پيو ۽ نون (9) ڏينهن کان پوءِ، ڌڪن جو تاب نہ سهي، 31 جولاءِ 855ع تي رحلت ڪيائين .


لفظ امام احمد بن حنبل رحهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0780.00.00  عيسوي

امام احمد بن حنبل رحه جي 780ع ڌاري بغداد ۾ولادت ٿي


0855.07.31  عيسوي

امام احمد بن حنبل رحه 31 جولاءِ 855ع تي رحلت ڪيائين



اسلام - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بني اسرائيل2
چار قل
عمران سورت
حديثِ قدسي
بَيِّنةِ سورة
ذاريات
طارق سورة
دُخان
صحاح سته
بقر عيد
اسلام ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون