امام ابُوحنيفه

امام ابُوحنيفه: اصل نالو نعمان بن ثابت، جيڪو پنھنجي ڪنيت ’ابوحنيفه‘ سان مشھور آهي، اسلامي دنيا جو وڏو عالم ٿي گذريو آهي. پاڻ جيئن تہ فقہ حنفيءَ جو باني هو، تنهنڪري امام حنيفہ جي نالي سان عالمِ اسلام ۾ مشھور ٿيو، کيس امام اعظم بہ سڏيو ويو آهي. سندس نسبت ڪن ايراني نسل سان تہ ڪن سنڌي نسل سان ڄاڻائي آهي. سندس والد اتي واپار ڪندو هو. سندس جنم ’ڪوفي‘ ۾ 80ھہ/699ع ۾ ٿيو. اول علمِ ڪلام پڙهائين، پوءِ فقہ جي تعليم پنھنجي استاد حماد بن ابي سلمان کان حاصل ڪيائين. نهايت ذهين هو. سندس مسلڪ ۾ پهريائين قرآن شريف ۽ سنت هئا، پوءِ اصحابن جا اقوال، ان کان پوءِ اجتهاد. خليفي ابوجعفر منصور کيس قاضيءَ جو عهدو پيش ڪيو، جنهن کان انڪار ڪرڻ تي خليفي کيس قيد ۾ وڌو. جتي 150ھہ/767ع ۾ وفات ڪيائين. قيد دوران امام ابو حنيفہ کان امام محمد تعليم حاصل ڪئي، جيڪو اڳتي هلي حنفي فقہ جو وڏو ڄاڻو بڻيو. امام ابو حنيفہ کي اهو بہ شرف حاصل آهي تہ پاڻ قرآن پاڪ جي ٻيءَ ٻوليءَ ۾ ترجمي ڪرڻ جي جائزيت جي فتويٰ ڏنائين. ڪن روايتن ۾ آهي تہ امام ابو حنيفہ جا وڏا اصل سنڌ جا هئا، پر ان جو تصديقي حوالو نٿو ملي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0699.00.00  عيسوي

امام ابو حنيفه سندس جنم ’ ڪوفي ‘ ۾ 80هه/699ع ۾ ٿيو


0080.00.00  هجري

امام ابو حنيفه سندس جنم ’ ڪوفي ‘ ۾ 80هه/699ع ۾ ٿيو



اسلام - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رُڪوع
حشر
ذاريات
خلفاءِ راشدين 1
دُخان
شريعت
الحقاف
بقر عيد
چار قل
ٻارهن خانوادا
اسلام ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون