استاد الهه رکا

استاد الهه رکا

الھہ رکا

الھہ رکا، استاد(طبله نواز ):(29 اپريل 1919ع کان 3 فيبروري 2000ع) استاد الھہ رکا هندوستاني موسيقيءَ جو وڏو نالو آهي. هن طبلي کي وڏي جلا بخشي. استاد ويهين صديءَ ۾ طبلي جو وڏو ماهر هو. هن روي شنڪر سان 1967ع ۾ ووڊ اسٽاڪ فيسٽول ۾ حصو ورتو ۽ هندوستاني موسيقيءَ کي يورپين سان متعارف ڪرايو. آمريڪا جي صف اول جي فنڪارن کيس طبلو وڄائيندي ڏسي ڏاڍو عجب کاڌو. سندن خيال هو تہ استاد جي هٿن ۾ ڪا مشين لڳل آهي. دنيا جي موسيقيءَ جي ڄاڻن کيس موسيقيءَ جو آئين اسٽائين ڪري سڏيو آهي.
سندس لائق فرزند ذاڪر حسين هن وقت پاڪستان توڙي هندوستان جو وڏو طبله نواز آهي، جيڪو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري مڃتا ماڻي چڪو آهي .


لفظ الھہ رکاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو