الھہ بخش ٽالپر

الھہ بخش ٽالپر: الھہ بخش ولد حسين خان ٽالپر سندس ڳوٺ درياخان ٽالپر جو هو، جنهن کي ”ٺوڙها لتڻيون“ بہ چوندا آهن ۽ تعلقي هالا، ضلعي حيدرآباد ۾ آهي، جتي هن 31 مارچ 1914ع تي جنم ورتو. پرائمري اسڪولن ۾ ملازمت ڪيائين، جتان پنھنجي اهليت سان، پوءِ اسڪولن جو سپروائيزر بہ ٿيو ۽ اتان ئي رٽائر ڪيائين. ادبي ذوق رکندڙ هو. پارسي ٻوليءَ جي بہ ڄاڻ هيس. ننڍا علمي ادبي ڪتاب لکيائين. سندس تصنيفن جو تعداد 15 آهي، جن مان ”پرديسيءَ جو پيار“ ناول مشھور اٿس. 18 اپريل 1976ع تي وفات ڪيائين.


لفظ الھہ بخش ٽالپرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1914.03.31  عيسوي

الهه بخش ٽالپر 31 مارچ 1914ع تي جنم ورتو


1976.04.18  عيسوي

الهه بخش ٽالپر 18 اپريل 1976ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بيکارام ديوراجاڻي ڊاڪٽر
ٿامس جيفرسن
درويش عيسيٰ دشتي
ارباب کهاوڙ
الھہ رکيو ڳورڙ
شھاب الدين حڪيم
ٽکڙائي حاجي عبدالستار جان
الھداد راهو
عيسب فقير
اسماعيل عرساڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون