شهيد الهه بخش سومرو

شهيد الهه بخش سومرو

الھہ بخش سومرو شھيد

الھہ بخش سومرو ، شھيد: سنڌ جو محب وطن ، تجربيڪار ۽ عظيم سياستدان ، شھيد الھہ بخش سومرو 1901ع ۾ شڪارپور شھر ۾ ڄائو . شھر جي ٺيڪيدار مستري محمد عمر جو فرزند هو ، جيڪو پنھنجي وقت جو ايماندار ٺيڪيدار ۽ آبادگار هو . الھہ بخش سومرو سندس وڏو فرزند هو . هيءُ سال 1912ع ۾ ثانوي تعليم لاءِ هوپ فل اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد ، پيءُ سان گڏجي ٺيڪيداري ڪرڻ لڳو . تعليم دوران پنھنجي وقت جو ذهين شاگرد هو . راندين خاص ڪري ڪرڪيٽ سان دلچسپي هيس ۽ ڪيترن مقابلن ۾ حصو ورتائين . هن 1923ع ڌاري سياست ۾ قدم رکيو . 1923ع ڌاري ، هيءُ جيڪب آباد ميونسپالٽيءَ ۽ ضلعي لوڪل بورڊ سکر جو ميمبر چونڊيو . 1926ع ۾ خانبهادر جان محمد پٺاڻ جهڙي سلطان ڪوٽ ۽ سکر ضلعي جي بااثر ۽ اهم زميندار جي مقابلي ۾ بمبئي ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي ويو . هن جا ڀُٽي خاندان سان ، پنھنجي والد جي زماني کان سٺا تعلقات هئا ، انڪري هن بمبئي ڪائونسل ۾ سر شاهنواز ڀُٽي جو ساڄو هٿ ٿي ڪم ڪيو ، جيڪو ان زماني ۾ بمبئي ڪائونسل ۾ سنڌ جي مسلمان ميمبرن جو ليڊر هو . ذهين ۽ باصلاحيت هئڻ ڪري ، الھہ بخش سومرو بمبئي ڪائونسل جي ميمبريءَ دوران ڪائونسل سان واسطو رکندڙ سرڪاري ڪميٽين تي چونڊيو ويو . اهڙيءَ طرح هي 1926ع کان 1936ع تائين ، جيسين سنڌ بمبئيءَ سان شامل هئي ، بمبئي ڪائونسل جو ميمبر رهندو آيو . ان کان اڳ 1928ع ۾ هي ضلعي لوڪل بورڊ سکر جو پريزيڊنٽ چونڊيو . جنوري 1931ع ۾ جيڪب آباد ۾ گهوڙن جي سالياني نمائش جي موقعي تي سنڌ جي لوڪل بورڊن جي صدرن ۽ چيف آفيسرن جي ڪانفرنس ڪوٺائي ، هن لوڪل بورڊن جي تنظيم ، اختيارن ۽ سڌارن بابت ڪيترا ٺهراءَ پاس ڪرايا ۽ سنڌ جي لوڪل بورڊن جي ائسوسئيشن قائم ڪرايائين . ان موقعي تي هن سنڌ جي مسلمان سياستدانن جي ڪانفرنس سيٺ حاجي عبدالله هارون جي صدارت ۾ ڪوٺائي ، سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ ۽ آل انڊيا مسلم ڪانفرنس جي ٺهرائن جي تائيد ۾ ٺهراءَ پاس ڪرايا . 1934ع ۾ جڏهن جي . ايم . سيد جي بنگلي ( ڪراچيءَ ) ۾ ’پيپلزپارٽي ‘ ٺاهي وئي تہ اُن جو ليڊر شاهنواز ڀٽي کي ۽ ڊپٽي ليڊر الھہ بخش سومري کي چونڊيو ويو . 1936ع ۾ ’اتحاد پارٽي ‘ قائم ٿيڻ تي هيءُ اُن ۾ شامل ٿيو . سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ بعد 1937ع جي چونڊن ۾ اتحاد پارٽيءَ جا 24 ميمبر چونڊجي آيا ، پر اُن جو ليڊر سر شاهنواز ڀٽو ۽ ڊپٽي ليڊر حاجي عبدالله هارون هارائي ويا ، ان تي گورنر سر لئنسليٽ گرهام ، سر غلام حسين کي وزارت لاءِ گهرايو ، جنهن جي پارٽيءَ جا صرف 5 ميمبر چونڊجي آيا هئا . هن مير گروپ کي وزارت ڏئي ، اتحاد پارٽيءَ جي ميمبرن ۾ ڦوٽ وڌي ۽ هندو انڊپينڊنٽ پارٽيءَ جي مدد حاصل ڪري وزارت ٺاهي . ميران محمد شاھہ بہ اتحاد پارٽي ڇڏي وڃي وزارت ۾ شامل ٿيو ، انڪري اتحاد پارٽيءَ جي مڃيل ميمبرن الھہ بخش سومري کي ليڊر ۽ مسٽر هاشم گزدر کي ڊپٽي ليڊر چونڊي ، مخالفت ۾ ويهڻ شروع ڪيو . 1937ع جي آخر ۾ اتحاد پارٽيءَ جي سر غلام حسين جي وزارت سان هڪ پروگرام جي بنياد تي اتحاد ٿيو ۽ ان پروگرام کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ هڪ ورڪنگ ڪاميٽي ٺاهي وئي ، جنهن تي الھہ بخش ، هاشم گزدر ۽ جي . ايم سيد ميمبر هئا ؛ پر ان پروگرام تي عملدارن جي غلط روش ، وزارت ۾ غيرتجربيڪار ۽ نااهل وزيرن جي موجودگيءَ ۽ اتحاد پارٽيءَ جي وزارت ۾ نمائندگيءَ کان سواءِ وزارت جي مدد سبب عملدرآمد نہ ٿي سگهيو . نتيجي طور مير غلام حسين کي تجويز ڏني وئي تہ الھہ بخش ، خانبهادر کهڙي ۽ نهچلداس کي وزير ڪري کڻي ، پر اها تجويز بہ عمل هيٺ نہ آئي . نتيجي طور مارچ 1938ع جي بجيٽ وقت ” هڪ رپويو ڪٽ “ جي ٺهراءُ پاس ڪرڻ سان غلام حسين جي وزارت کي شڪست آئي ۽ نئين وزارت الھہ بخش سومري جي هٿ هيٺ ٺاهي وئي . هيءَ وزارت ڪانگريس ۽ هندو انڊپينڊنٽ پارٽيءَ جي مدد سان ٺھي ، ان ۾ الھہ بخش سومرو وزيراعظم ۽ پير الاهي بخش ۽ نهچلداس وزيراڻي ٻہ وزير ٿيا . جنهن صورت ۾ وزارت ٺاهڻ ۾ صرف ستن مسلمانن ووٽ ڪيو هو ۽ باقي سڀ ميمبر هندو هئا ، انڪري مسلمانن جي تعليم يافتہ طبقي طرفان احتجاج ٿيو . نڪتل وزيرن صورتحال کي وڌيڪ مشتعل ڪيو ، جنهن تي وزيراعظم الھہ بخش سومري 29 مارچ 1938ع تي وزارت جي پاليسيءَ بابت هڪ بيان جاري ڪيو تہ ( 1 ) ملڪي انتظام کي قومپرست بنيادن تي هلايو ويندو ؛ ( 2 ) سکر بئراج سبب سنڌ جي ڪن حصن کي زراعت ۾ نقصان پهتو آهي ، ان ڪري لوئر سنڌ بئراج جي اسڪيم تيار ڪئي ويندي تہ جيئن عوامي مفاد پورا ٿين: ( 3 ) اتر سنڌ ( روهڙي ڊويزن ) جا واھہ سڌاريا ويندا: ( 4 ) ڪانگريس وزارت وانگر وزير گهٽ پگهار کڻندا: ( 5 ) آنرري مئجسٽريٽيون ختم ڪيو وينديون: ( 6 ) آزمائشي طور ضروري رستن جو ڪم لوڪل بورڊن کي ڏنو ويندو ؛ ( 7 ) پرائمري ماسترن جي پگهار ۾ 5 روپين جو اضافو ڪيو ويندو ؛( 8 ) مولانا عبيدالله سنڌي واپس آيو تہ سندس آجيان ڪنداسون ؛ ( 9 ) سنڌ فرنٽيئر ريگيوليشن ختم ڪرڻ لاءِ ڪميٽي مقرر ڪئي ويندي وغيرہ . 1938ع ۾ الھہ بخش وزارت ڍلون وڌايون ، جنهن تي اتحاد پارٽيءَ جا ميمبر ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا . حاجي عبدالله هارون مسلم ليگ ۾ شامل ٿي چڪو هو . 11 آڪٽوبر 1938ع تي جناح صاحب جي صدارت ۾ هندستان جا مسلم ليگي اڳواڻ ڪراچيءَ ۾ گڏ ٿيا. اجلاس ۾ الھہ بخش ۽ جي . ايم سيد بہ شريڪ ٿيا . سڀني مسلم ليڊرن الھہ بخش کي مسلم ليگ سان الحاق ڪرڻ جي گذارش ڪئي ،جا هن قبول ڪئي ۽ ٺاھہ تي صحيحون ڪيون ويون . ليڊر جي مسئلي تي جناح صاحب نئين ليڊر جي چونڊ جي حق ۾ هو ۽ سر غلام حسين هن موقعي کي طاقت هٿ ڪرڻ جو وسيلو سمجهيو .نتيجي طور ٺاھہ ختم ٿي ويو.الھہ بخش ليڊر جي نئين چونڊ جي مخالفت ڪئي . نتيجي طور جناح صاحب ضد ۾ اچي مسلم ليگ ، اسيمبلي پارٽيءَ ۾ ليڊر سر غلام حسين کي ۽ ڊپٽي ليڊر مير بندہ علي کي چونڊيو ، ان کان سواءِ جناح صاحب جي . ايم سيد کي حڪم ڪيو تہ الھہ بخش جي وزارت خلاف اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ پيش ڪري ؛ پر الھہ بخش وزارت نہ رڳو مسلم ليگ ۾ شامل ٿيل ڪيترن ميمبرن کي پاڻ سان ملائي ورتو ، پر خود مسلم ليگ پارٽيءَ جو ليڊر ۽ ڊپٽي ليڊر بہ مسلم ليگ ڇڏي وڃي وزارت ۾ شامل ٿيا . اهڙيءَ طرح اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ جي حمايت صرف ستن ميمبرن ڪئي . 1939ع جي وچ ڌاري مسلم ليگ ، مسجد منزل گاھہ ، مسلمانن کي موٽائي ڏيڻ جو سوال هٿ ۾ کنيو . هندو ميمبرن مخالفت ڪئي . مسلمانن مسجد تي زوريءَ قبضو ڪيو ۽ سنڌ ۾ هندو مسلم فساد شروع ٿي ويا . مسلم ليگ جا ڪيترا اڳواڻ ۽ عام ماڻهو جيلن ۾ پيا . هندن خلاف غير سلامتيءَ واري فضا ٿي ، انڪري هندن ۽ ڪانگريس جي ميمبرن عارضي نفعي لاءِ مسلم ليگ سان گڏجي الھہ بخش جي وزارت کي شڪست ڏئي ، مسلم ليگ وزارت کي طاقت ۾ آندو .هن وزارت ۾ جي . ايم سيد پڻ وزير ٿيو ، جنهن ’مسجد منزل گاھہ ‘جي نتيجي ۾ ٿيل هندو مسلم فسادن جي نقصان کي آڏو رکي ، سنڌ جي سلامتيءَ لاءِ هندو مسلم اتحاد کي ضروري سمجهيو . هن ابوالڪلام آزاد ۽ الھہ بخش کي ويهاري ،هڪ فارمولو طيءِ ڪيو . جي . ايم سيد الھہ بخش سومري کي وزارت ۾ اچڻ لاءِ آمادہ ڪيو ۽ پاڻ استعيفا ڏئي الھہ بخش کي پنھنجي جاءِ تي وزير ڪري آندو ۽ واعدو ڪيو تہ ٽن مهينن اندر سر بندہ علي جي جاءِ تي سر غلام حسين کي آندو ويندو ؛ پر مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ قبول نہ ڪيو . نتيجي طور هندو ۽ ڪانگريس ميمبرن مسلم ليگ وزارت کي ڊاهي ، الھہ بخش سومري کي طاقت ۾ آندو . اهڙيءَ طرح سنڌ آل انڊيا جماعتن جي اختلافن جو آکاڙو بنجي وئي . مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي افغانستان مان طويل جلاوطنيءَ بعد وطن سنڌ واپس آڻائڻ ۾ بہ الھہ بخش سومري جو وڏو ڪردار آهي . ۽ 1942ع ۾ هن سنڌ جي وزيراعظم جي حيثيت ۾ ، مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو وطن واپسيءَ وقت ڪراچيءَ ۾ شاندار استقبال ڪيو . ياد رهي تہ مولانا سنڌي ، هند جي آزاديءَ لاءِ انگريزن خلاف ان وقت ٻاهرين ملڪن ۾ جلاوطن حڪومت جي رٿا تيار ڪري چڪو هو . ان زماني ۾ ڪانگريس انگريزن خلاف ’هندستان خالي ڪريو ‘ تحريڪ شروع ڪئي . مسلم ليگ پاڪستان جو نعرو هنيو ؛ ڪانگريس ۽ قومپرستن تي سختيون ڪيون ويون . الھہ بخش سومري 26 سيپٽمبر 1942ع تي وائسراءِ کي خط لکي ، ’خانبهادري ‘ ۽ O . B . E ( آرڊر آف برٽش ايمائر ) جا لقب واپس ڪيا ۽ هندستان جي آزاديءَ جي حق جي ڳالھہ ڪئي ، جنهن تي گورنر سندس وزارت کي ڊسمس ڪيو ۽ سر غلام حسين کي مسلم ليگ جي مدد سان وزارت ٺهرائي ڏني . ان بعد الھہ بخش سماجي ڪمن طرف توجھہ ڏنو . سنڌ ٻوڏن هيٺ آيل هئي ، ان ۾ هن پنهنجون آباد زمينون ٻوڙائي ، شڪارپور شھر کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي . 14 مئي 1943ع تي صبح جو سنڌ جو هي محب وطن سياستدان شڪارپور ۾ هڪ ٽانگي ۾ سوار ٿي وڃي رهيو هو تہ ڪن ماڻهن مٿس فائر ڪري کيس شھيد ڪري ڇڏيو . سندس قتل جو الزام خانبهادر ايوب کهڙي تي لڳايو ويو . الھہ بخش سومري جو ذڪر ننڍي کنڊ ۽ سنڌ جي قومي سياست ۾ وڏي احترام ۽ عزت سان ٿئي ٿو . سنڌ جي بزرگ سياستدان سائين جي . ايم سيد پنھنجي ڪتاب ’جن سين'>جنب گذاريم جن سين ‘ ۾ کيس ’سنڌ جو دودو ثاني ‘ سڏيو آهي . سندس مزار شڪارپور شھر ۾ آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1901.00.00  عيسوي

شهيد الهه بخش سومرو 1901ع ۾ شڪارپور شهر ۾ ڄائو


1943.05.14  عيسوي

الهه بخش سومرو 14 مئي 1943ع تي شهيد ٿيو.



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آرائين طارق مسعود
اختر مينگل
اسفند يار ولي
الاهي بخش پير
اختر حسين جدون
ارباب ذوالفقار علي
اعجاز علي خان ٽالپر
آصف علي زرداري
آغا تيمور خان پٺاڻ
بينظير ڀٽو شھيد
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون