الھہ اوڀايو جوڻيجو

الھہ اوڀايو جوڻيجو: فقير الھہ اوڀايو ولد فقير غلام قمبر جوڻيجو ڳوٺ ’منھہ‘ تعلقي ميرو خان جو ويٺل هو. پاڻ عوامي شاعر ڇتي فقير سانگيءَ جو صحبتي ۽ طالب هو ۽ کانئس فيض حاصل ڪيو هئائين. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو تہ:’الھہ اوڀايو ولد قمبر فقير ڌامراھہ ڳوٺ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ مدفون آهي. هو فقير خداداد ولد غلام حيدر جو سؤٽ هو. الھہ اوڀايي جو ڪلام عارفاڻي رنگ جو آهي. سندس ڪافين ۾ عاشقاڻن امنگن جو اظهار عام جام نظر اچي ٿو. هو ڪافي گو شاعر هو. سندس ڪلام ٽڙِيل پکڙيل آهي. هن 1920ع ڌاري وفات ڪئي.‘ سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
دل منهنجي کي دلبر، لاتو جادو ڙي،
زيور پائي ڳهڻا، ڪيو سينگار سھڻا
ڪات اکين جي ڪهڻا،خنجر هنيا کوڙي


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

00.00.1920  عيسوي

الهه اوڀايو جوڻيجو 1920ع ڌاري وفات ڪئي .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ايوب کوسو
اويڙ پلي
اسرار احمد علوي پروفيسر
عبدالغفور مفتون همايوني
لطف سيال
امام علي شاھہ
اياز گل
سليم جعفر
بولچند مورومل کٽواڻي
ساحر لڌيانوي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون