سيد الهه آندو شاهه

سيد الهه آندو شاهه

الھہ آندو شاھہ

الھہ آندو شاھہ: سيد الھہ آندو (اَلهندو) شاھہ ولد سيد يوسف شاھہ 17 آڪٽوبر 1857ع تي ڳوٺ ڊڀري تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو. هو متعلوي سيدن جي شاخ مان هڪ وڏي خاندان جو فرد ۽ وڏي هلندي پڄندي وارو شخص هو. هن ابتدائي تعليم ڊڀري جي مدرسي ۾ عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ ورتي. ۽ پوءِ جلد ئي سنڌي ۽ انگريزيءَ جي تعليم بہ ورتائين. شاھہ صاحب 1897ع کان ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ حيدرآباد جو چونڊيل ميمبر هو ۽ جڏهن پهرين نومبر 1912ع تي نواب شاھہ ضلعو ڌار قائم ٿيو تہ انهيءَ ضلعي جو 1919ع تائين چونڊيل ميمبر رهيو. شاھہ صاحب مسلمانن جي تعليم لاءِ سن 1903ع ۾ نوشهري فيروز ۾ مدرسو قائم ڪري مسلمان ٻارن کي خوب همٿايائين. مدرسي لڳ ٻاهران آيل شاگردن لاءِ 1904ع ۾ هاسٽل ٺهرايائين. 1918ع ۾ هن مدرسي کي هاءِ اسڪول جو درجو مليو ۽ اهو هاءِ اسڪول اڄ بہ سندس ياد تازي ڪري رهيو آهي. هيءُ مدرسو ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسته الاسلام کان پوءِ ٻئي نمبر تي هو. هو 1909ع کان لڳاتار ڪيترائي سال بمبئي ڪائونسل جو چونڊيل ميمبر رهيو. ڪجهہ عرصو ”سنڌ محمدن ائسوسيئيشن“ جو صدر بہ رهيو. 1916ع ۾ دهليءَ جي وائسراءِ جي اسيمبلي جو چونڊيل ميمبر ٿيو. سيد الھہ آندو شاھہ وڏو سخي دل انسان هو. ضرورتمندن کي در تان واپس نہ موٽائيندو هو. ننڍي خواھہ وڏي، امير توڙي غريب لاءِ وٽس ساڳي ڪرسي هوندي هئي. هو صوم و صلوات جو پابند هو. مسجدون، مسافر خانا ٺهرائڻ، کوھہ کوٽائڻ، آئي جي آڌر ڪرڻ سندس خاص مشغلو رهيو. هن مثالي انسان 19 آڪٽوبر 1919ع تي ڊڀري ۾ وفات ڪئي.


لفظ الھہ آندو شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1857.10.17  عيسوي

سيد الهه آندو ( اَلهندو ) شاهه 17 آڪٽوبر 1857ع تي ڳوٺ ڊڀري تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو


1919.10.19  عيسوي

سيد الهه آندو شاهه 19 آڪٽوبر 1919ع تي ڊڀري ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چوڌري پرويز الاهي
سراج الدين شاھہ
تاج محمد شاھہ سيد
زڪيه بيگم
صعدي بن خريمه
لياقت علي جتوئي
اشفاق حسين
احمد حسين اي قاضي
ڇتل سرهيو
ساڌو نولراءِ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون