الھڏنو مھر

الھڏنو مھر: سگهڙ الھہ ڏنو پٽ گل بيگ مهر، ڳوٺ ڪنڊي تعلقي ميرپورماٿيلي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ سال 1290ھہ/1873ع ۾ ڄائو. کيس ٻين بہ ڪيترن ئي شاعرن جو ڪلام ياد هو. پنھنجي ڪلام ۾ ٿر جا محاورا گهڻا ڪم آندا اٿس. اڻ پڙهيل هو. پير پکڙائيءَ جو مجاور هو، تنهنڪري ان جي حب ۾ گهڻو ڪلام ڇپرايو اٿس، مالوند ماڻهو هو، جنهنڪري بيتن ۾ مال جا گهڻا نالا ڪتب آندا اٿس. ميلن ۽ مارڪن جو شوقين هو. سندس ٻہ پٽ گل بيگ ۽ ڌڻي بخش بہ پيءُ وانگر سگهڙ آهن. هن 80 ورهين جي ڄمار ۾ سال 1370ھہ/1950ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1873.00.00  عيسوي

الهه ڏنو مهر 1873ع ۾ ڄائو


1950.00.00  عيسوي

الهه ڏنو مهر 1950ع ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڪليم ﷲ لاشاري ڊاڪٽر
محبوب عالم
علي خان بھادر مير
شمشاد غوري
ابراهيم فقير مست جيسلميري
قاضي عبدالقيوم
ديبلي علي بن موسيٰ
ٿرڙي سنجر ڀٽي
ڏاهري خان محمد
پير پڌرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون