راڳي الهڏنو خاصخيلي

راڳي الهڏنو خاصخيلي

الھڏنو خاصخيلي

الھڏنو خاصخيلي: مشھور فنڪار الھڏنو ولد علي محمد خاصخيلي، 25 جنوري 1966ع تي، ميرپور بٺوري، ضلعي سجاول ۾ ڄائو. ايم اي ۽ بي ايڊ تائين تعيلم حاصل ڪئي. هن پاڻ کي هڪ فنڪار طور متعارف ڪرايو. سندس ڳايل ڪلامن جا ڪيترائي البم مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. فني خدمتن عيوض کيس حسنِ ڪارڪردگي اوارڊ ۽ ڪيترا سرٽيفڪيٽ مليا. گورنمينٽ پي سي اسڪول ميرپوربٺوري ۾ موسيقيءَ جو استاد رهيو، سندس والد استاد علي محمد خاصخيلي، استاد محمد جمن جو شاگرد هو. الهڏني پنھنجي والد علي محمد خاصخيليءَ کان راڳ جي سکيا ورتي. هن ريڊئي ۽ ٽي ويءَ تي خوب ڳايو، پر عوامي ميڙاڪن جو مقبول فنڪار رهيو. شيخ اياز، امداد حسيني، ذوالفقار راشدي، غلام حسين رنگريز ۽ ٻين جديد شاعرن جي شاعريءَ کي نئين رنگ ۾ ڳائي وڏي مقبوليت حاصل ڪئي. 24 جون 2016ع تي، ٽنڊي الهيار لڳ هڪ روڊ حادثي ۾ وفات ڪئي، کيس مير بٺوري ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ الھڏنو خاصخيليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.01.25  عيسوي

الهڏنو علي محمد خاصخيلي ، 25 جنوري 1966ع تي ٺٽي ۾ ڄائو


2016.06.24  عيسوي

الهڏنو خاصخيلي 24 جون 2016 تي وفات ڪئي.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ذوالفقار علي
گلزار علي خان سانگهڙائي
ديدار حسين سمو
شيخ عرس
مختيار شيدي
ٻارٽ
ڦوٽو زرداري
ريشمان
ام ڪلثوم
سائين مرنا
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون