
الهڏتي فقيرياڻيءَ جي مزار
الھڏتي فقيرياڻيءَ جي مزار: دلشاد منزل، خيرپور جي پوئين پاسي، پنجن گنبذن تي مشتمل هيءُ عمارت هڪ برگزيده عورت مخدوم الھڏتي فقيرياڻيءَ جي مزار آهي. ڳڇ عرصو اڳ هيءُ عمارت خان ٽالپر'>مير علي نواز خان ٽالپر مقامي هندن جي سهولت ۽ عبادت لاءِ تعمير ڪرائي هئي، جيڪا مخدوم الھڏتي فقيرياڻيءَ جي وفات تائين گهڻو ڪري هندن جي استعمال هيٺ رهي. مائي الھڏتي فقيرياڻيءَ جي وفات کان پوءِ سندس مڙھہ کي هن عمارت جي اڱڻ ۾ دفن ڪيو ويو ۽ هن عمارت کي خان ٽالپر'>مير علي نواز خان ٽالپر جي حڪم تي الھڏتي فقيرياڻيءَ جي مقبري جو درجو ڏنو ويو.
مير علي نواز خان ٽالپر جي پياري گهرواري بيگم اقبال باليءَ جي وفات کان پوءِ سندس مڙھہ کي ڪربلا معليٰ ۾ مدفن ڪرڻ کان اڳ هن عمارت جي احاطي ۾ امانت طور دفن ڪيو ويو هو. هن مزار کي ﷲ ڏتي فقيرياڻيءَ جو آستان پڻ چيو ويندو آهي. مائي الھڏتي فقيرياڻيءَ جو تعلق ڪشمير سان هو. موجودہ وقت هيءُ عمارت سرڪار جي بي توجهيءَ جي ڪري خستہ حاليءَ جو شڪار آهي. ان کانسواءِ عمارت جي آسپاس واري ايراضيءَ کي مقامي ماڻهو قبرستان طور استعمال ڪري رهيا آهن.
مائي الھڏتي فقيرياڻيءَ جي مزار پڪين سرن سان، گنبذن واري عمارت آهي، جنهن تي وڻندڙ زيبائش جو ڪم ٿيل آهي. مزار جو حجرو هڪ ڪمري تي مشتمل آهي، جنهن جي اڳياڙيءَ ۾ مک دروازي سان ورانڊو تعمير ڪيل آهي. مهاڙيءَ ۾ زيبائشي ڪم ٿيل آهي، جيڪو ٻنهي پاسن کان نظر ايندو آهي. مک لنگهہ واري ورانڊي جي ڇت ۾ ننڍڙا گنبذ آهن، جن تي نيلون نصب ٿيل آهن. ورانڊي کي باقي ٻنهي پاسن کان هڪ جيترا لنگهہ آهن. مزار جي پاسن کان هوا جي لنگهہ لاءِ ٽي ٽي کليل دريون آهن، جن مان هڪ کي سرون ڏئي بند ڪيو ويو آهي. سڄي عمارت جي ڇت جي ٻيڙ ٻني هيٺان وڌواڙو نڪتل آهي، جنهن کي زيبائش خاطر هيٺيئن پاسي کان ٿنڀڙيون آهن. عمارت جي ڇت تي پنج گنبذ آهن، جن مان مکيہ لنگهہ جي ورانڊي واري ڇت تي بہ گنبذ آهي، هنن مان وچ وارو گنبذ وڏو ۽ باقي چار گنبذ هڪجيترا آهن. گنبذ اٺڪنڊي ڳچ تي جوڙيا ويا آهن، ڳچ تي جنسار ٿيل آهي. وچ واري گنبذ تي ڪوڻيءَ جو ابتو گل هن وقت ڀري ويو آهي ۽ نيل بہ غائب آهي. جڏهن تہ باقي ٻنهي گنبذن تي ڪوڻيءَ جي ابتي گل جون لوهي شيخون بچيون آهن. مقبري جي عمارت جي مڙني ٻاهرين لنگهہ وارن دروازن ۾ سائي رنگ جا ڄاريدار لوهي دروازا نصب ڪيا ويا آهن. مزار تي اڏيل مقبرو مغليه طرز تعمير جو ڏيک ڏئي ٿو.