ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو

الھداد ٻوهيو ڊاڪٽر

الھداد ٻوهيو، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو عالم ۽ اديب ڊاڪٽر الھداد ولد محمد علي ٻوهيو. 8 آگسٽ، 1934ع تي تعلقي وارھہ، ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ پيچوها ۾ ڄائو. ايم اي ۽ بي ٽي ڪرڻ کان پوءِ تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪيائين. ڊاڪٽر الھداد ٻوهيو مشھور اديب، نقاد، دانشور، تعليمدان ۽ ماهر لسانيات هو. تنقيد ۽ لسانيات جي ميدان ۾ مثالي خدمتن جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو. سندس شخصيت ۾ سنجيدگي ۽ وقار نمايان نظر ايندا هئا. تعليم کاتي ۾ مختلف عهدن تي رهي، آخر ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن جي عهدي تي پهتو. پنھنجي پوري ڄمار علم ادب جي واڌاري لاءِ وقف ڪيائين. ”تحقيق“ سندس پسنديدہ موضوع رهيو. 1977ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتائين، سندس گائيڊ ڊاڪٽر غلام علي الانا هو. پي ايڇ ڊي لاءِ سندس مقالي جو عنوان هو ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ هيءُ مقالو سنڌالاجيءَ طرفان سال 1987ع ۾ ڇپرايو ويو آهي. سنڌ ۾ سماجي لسانيات جي موضوع تي هي پهريون پي ايڇ ڊي هو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’تنقيدون‘ (1980ع)، ’ادب جا فڪري محرڪ‘ (1984ع) ۽ ’علم تحقيق‘ (1990ع) اهم آهن. جڏهن تہ سندس اڪيچار مضمون، مقالا ۽ ڪالم مشھور رسالن ٽه- ماهي ’مهراڻ‘، ’نئين زندگي‘، ’ساڃاھہ‘، ’پارس‘، ’باک‘ ۽ اخبارن ۾ ڇپيل آهن. سندس تحريرن تي مشتمل هڪ ڪتاب ”ٻوهيي جون تحريرون“ سنڌي ساهت گهر حيدرآباد پاران ڇپايو ويو آهي. سنڌي ٻوليءَ بابت سندس مقالن جو هڪ ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران 2008ع ۾ ڇپيو، جيڪو آزاد انور ڪانڌڙي ترتيب ڏنو. پاڻ 16 جولاءِ 1994ع تي ٽنڊي آدم جي هڪ تعليمي سيمينار ۾ خطاب ڪندي، دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.08.08  عيسوي

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو 8 آگسٽ ، 1934ع ۾ لاڙڪاڻي جي ڳوٺ پيچوها ۾ ڄائو


1994.07.16  عيسوي

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو 16 جولاءِ 1994ع تي وفات ڪري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڏگو نور محمد
شفيع لاهوري مولانا
ڀائي پرتاب
سيد محمد عالم شاھہ عالم ٽکڙائي
سيد حاجي مھر علي شاھہ
جڳواڻي سندر مينگهراج مجرم
جمالي شيخ حماد
حسن مشتاق انڍڙ
سيٺ طيب علي علوي
ڀٽو غلام رضا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون