الھداد خان صوفي لغاري

الھداد خان ”صوفي“ لغاري: الھداد خان ”صوفي“ 7 جون 1823ع تي ڄائو. ميرن جي دور جو هڪ مشھور مولودگو هو، جنهن لاتعداد مولود چيا. هن جي والد جو نالو نواب ولي محمد خان لغاري هو. عبدالرئوف ڀٽيءَ ۽ پوئين دور جي مولودگو شاعرن کان پوءِ الھداد لغاريءَ جو نالو مولودگو شاعرن ۾ سامهون اچي ٿو. ميرصاحبن وٽ هن جي تمام گهڻي عزت هئي.
الھداد خان جو تخلص ”صوفي“ هو. هن جا مولود ”ديوان صوفي“ ۾ محفوظ آهن، جيڪو فارسي زبان ۾ آهي. سندس چيل مولودن مان ”حشر ويل حساب ۾“ ۽ ”محمد مرسل مصطفيٰ“ مشھور آهن. هن تعلقي سيوهڻ ۾ 30 نومبر 1882ع تي وفات ڪئي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1823.06.07  عيسوي

الهداد خان ” صوفي “ 7 جون 1823ع تي ڄائو


1882.11.30  عيسوي

الهداد خان ” صوفي 30 نومبر 1882ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پيارو منگي
ڀائي خان شر
آفتاب سومرو
ترون منسکاڻي
گل حسن لغاري ڊاڪٽر
امير بخش شر
ثانيہ مرزا
ڄام بابينو
شالمين شيدي
علي احمد قريشي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون